موهن جي دڙي تي انڊونيشيا جو ڪائونسليٽ جنرل پهتو

ڏوڪري ( ن ع آ ) انڊونيشيا جي ڪائونسليٽ جنرل جون ڪَنڪورو گهر ڀاتين سان گڏجي سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو.  ان موقعي تي هن اسٽوپا گريٽ باٿ ميوزيم سميت ٻين تهذيبي آثارن کي دلچسپي سان گهمي ڏٺو. هن موقعي تي مقرر ٿيل گائيڊ جاويد شيخ پرڏيهي مهمان کي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي انڊونيشين ڪائونسليٽ جنرل ٻڌايو ته سندن ملڪ ۾ به بورو بودر نالي گوتم ٻڌ جي پوئلڳن جو وڏو قديم اسٽوپا موجود آهي. هن چيو ته سندن ملڪ ۾ ستين صدي عيسوي ۾ ٻُڌ ڌرم جي پوئلڳن گوتم ٻڌ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ اسٽوپا جوڙيو. جتي هو عبادت ڪندا هئا ۽ اتي ئي رهندا به هئا. انڊونيشين سفير جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو جو اسٽوپا انڊونيشيا جي اسٽوپا کان 200 سال قديم آهي. پر سنڌ ۽ انڊونيشيا جي اسٽوپاز جي نشانن مان ثابت ٿئي ٿو ته گوتم ٻڌ جي پوڄا ڪندڙ ماڻهو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود هئا.

 

جتان هنن جي قديم نشانيون اسٽوپاز جي صورت ۾ ملن ٿيون. هن چيو ته سنڌو تهذيب گهڻي اوائلي ۽ قديم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.