معاشي گهوٽالي جا اثر ۽ نوجوانن جون صلاحيتون

تحرير: حميده گهانگهرو

اڳ نوجوانن کي ڪنهن به ذميواري جي پرواهه نه هوندي هئي ۽ اها عام چوڻي مشهور هئي ته پيءُ ماءُ جي ڪلهن تي سڄا بار آهن پوءِ جڏهن روزگار سان لڳندا آهن ته گهرجون ذميواريون ۽ پيءُ ماءُ لاءِ ٻانهن ٻيلي ٿي احساسِ ذميواري محسوس ڪندا  آهن پر مهانگائي، بيروزگاري، بدنظمي ۽ نفسانفسي ايترو ته سماج کي نهوڙي ڇڏيو آهي جو نوجوان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهي، هو ان وقت کان اڳ معاشي گهوٽالي جو شڪار ٿيندي پنهنجي ڪاميابي جي خوابن کي به پورو نٿا ڪري سگهن  ۽ اڻپوري تعليم جي باوجود هٿ پير هڻي روزگار جي ڳولها ڪري گهر ۾ ساٿ ڏيڻ جون ذميواريون کڻن ٿا. جن نوجوانن جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪتاب هجن اهي نوجوان ڪمپيوٽر جا ننڍا ننڍا ڪورس ڪري پوءِ ادارن ۾ ڪمپيوٽر جي ٽڪ ٽڪ تي پيا بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿين جيئن پکي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي پيا اناج جا ڪڻا ڳولهيندا آهن. سندن ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي آئڊيل زندگيءَ جا يادگار لمحا بس آن لائين ڪلاسز يا سال ۾ هڪ ڀيرو يونيورسٽي وڃي امتحان ڏيڻ ۾ گذرندا آهن.

سوچجي ته اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو اسان وٽ وقت کان اڳ نوجوانن تي سماجي ذميوارين جو بار وجهي سندن  مستقبل جي معمار ٿيڻ وارو خواب اڻپورو ڪري ڪچليو ٿو وڃي. چائنا اڄ سڄي دنيا تي حاوي آهي رڳو انهيءَ ڪري جو چائنيز پنهنجي نسل تي پنهنجا فيصلا نه مڙهيندا آهن پر سندن قدرت جي طرفان ڏنل ذهني صلاحيتن کي نروار ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن. هنن جي پيءُ ماءُ کي اهو اونو نه هوندو ته سندن ڌيءَ يا پٽ ڊاڪٽر ٿئي پر اهو اونو هوندو اٿن ته اسانجو ٻار پنهنجي پيرن تي بيٺل مڪمل انسان ۽ هن ڌرتيءَ تي هر انساني زندگيءَ تي هاڃيڪار اثر ڇڏڻ ۽ظاهر ڪرڻ لاءِ جاچ ڪندڙ هجي. نتيجي ۾ اڄ چائنا سڄي دنيا تي سپر پاور جي حيثيت تائين پهچي چڪو آهي. ٿر جنهن کي ناڪارا وارياسو علائقو سمجهي هزارين سالن کان نظر انداز ڪيو ويو اڄ اتي ٿر ڪول بهترين پراجيڪٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي بهترين بجلي ٺهي رهي آهي. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ هڪ تحقيقي مقالي ۾ بيان  ڪيو ته ٿر مان 20 سالن جي ايڊوانس بجلي تيار ٿي سگهي ٿي، انهيءَ ڪري پاڪستان ۾ بجلي بحران جو خاتمو ناممڪن نه پر ممڪن ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان اسٽيل هڪ اهڙو فولادي ادارو هو جو 100 سالن تائين ايڊوانس مٽيريل هئڻ ڪري خساري جو شڪار  نٿو ٿي سگهي. بلڪه روس پنهنجي اجارا داري کان دستبردار ٿي مقامي ملازمن ۽ انجنيئرن کي يوڪرين ۽ روس ۾ سکيا ڏئي اداري کي هلائڻ جي صلاحيت سان نوازيو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان اداري کي نه رڳو جوانيءَ  ۾ ئي موت ماريو ويو پر بيروزگاري مفلسي سبب گهرن ۾ ماتم جهڙو منظر نظر اچي رهيو آهي.

پاڪستان بهترين زرعي پيدوار سان مالامال ملڪ آهي. پر جڏهن اٽي ۽ دال جي قيمت تي نوجوان ڏکائتا ٿي وڃن جڏهن ته زرعي پيداوار جي خاصيت بس اها عام چوڻي هئي ته بس دال ماني ملي ٿي پر اڄ اها دال به گوشت ۽ مڇي جي مقابلي ۾ بيٺي آهي. جيڪي نوجوان جديد ٽيڪنالاجي تي بحث ڪن ٿا اهي به دال جي قيمت پڇڻ تي مجبور آهن، اهو انهن نوجوانن جو ڏوهه ناهي پر معاشري جي سڌاري ۽ بنيادي انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ وارن جي ذميواري پوري نه ڪرڻ وارن جو ڏوهه آهي. جنهن نئين نسل کي جديد طريقي سان سوچڻ گهرجي، انهن نوجوانن جي صلاحيتن جو دراصل معاشرتي استحصال سندن قتل برابر آهي.

مونکي ياد آهي ته ڪراچيءَ کان سکر مري ڪوچ ۾ وڃي رهي هيم ته مري ڪوچ جيڪب آباد تائين شايد وڃي رهي هئي. 1993ع ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي اٽو اڻ لڀ ٿي ويو هو ڪٿي ماني به نه پئي ملي ۽ ملي پئي ته تمام ڳري قيمت ۾. هڪ اٻوجهه اڻ پڙهيل بلوچي لباس ۾ وڏي عمر جي بزرگ ڀرسان ويٺل هئي اڳ ته هن منهنجو سڄو حال احوال پڇيو ڪيترا ڀيڻيون ڀائر آهيو پوءِ چيائين ابو امڙ زنده آهي، مون چيو امڙ گذاري وئي آهي ابو زنده آهي ته وڏو ساهه ڀري مٿي تي هٿ رکي چيائين بس ماني ڳڀي جي پريشاني نه هوندي. هن غريب اٻوُجهه عورت کي مان نه سمجهائي سگهيم ته منهنجي پيءُ جي نظر ختم ٿي وئي آهي اسين سڀ ڀيڻون ۽ ڀائر هاڻي پاڻ نوڪري ڪندا آهيون.

وري پڇيائين وڏو ڀاءُ سار لهي؟ مون چيو ته هن کي به پنهنجا زال ٻار آهن وڪيل آهي ته هڪدم چيائين پوءِ خون جا ڪيس کڻي. هاڻي مان هن کي ڪيئن ٻڌايان ته خون جي ڪيسن کان وڌيڪ ظلم، استحصال ۽ اڻبرابريءَ جي خلاف وڙهڻ لاءِ به جيسين جدوجهد نه ڪبي ۽ ظالم کان حق نه وٺبو  تيسين انصاف نه ملندو پر مونکي هن ٻڍڙيءَ جي معاشري ۽ خانداني ريتن رسمن جي مطالعي تي حيرانگي پئي ٿي، ڇاڪاڻ جو پٺتي پيل سماج ۾ قبيلائي جهيڙا ئي نمايان هوندا آهن جن تي نياڻيون سڱ چٽي طور يا ڪاروڪاري ڪري ماريو ويندو آهي ۽ ڪنهن کي پاڻ بي گناهه ثابت ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويندو آهي. بهرحال انسان جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته جڏهن قبيلائي سماج هو ته قبيلائي سوچ جي تحت معاشري جي سڃاڻپ هئي اڄ جڏهن جديد دور جو سماج آهي ته جديد مسئلن جو شڪار آهي.اڳي فصل لهندي ڀاڳيا، ڪنڀر، موچي، حجام، سيد جو ٽوين جي حساب سان حصو ڌار ڪندا هئا ۽ فقيرن کي ڏيڻ لاءِ به گنديءَ ۾ ان رکيل هوندو هو اڄ اهو سڄو ڪلچر ته اڻ لڀ آهي پر سندن محنت جو اجورو ايترو به ناهي جو آزاديءَ سان ضرورتون پوريون ڪري سگهن. ڇا ٽين دنيا جي انسانن جو الميو سندن مقدر جو راڳ آلاپي نظر انداز ڪيو ويندو. يا سماج جي بهترين جوڙجڪ لاءِ کين صلاحيتن مطابق حوصلو ڏنو ويندو.

چوندا آهن ته آمريت کان بي پهچ جمهوريت هزار ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي ته پوءِ موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ جي ذميواري آهي ته عوام مان بيچيني جي لهر ختم ڪرڻ لاءِ نوجوانن لاءِ ڪي بهتر اپاءَ وٺڻ گهرجن. اهي قومون خوش قسمت هونديون جن جا نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ذهين ۽ قابل هوندا، اڄ سنڌ جي نوجوانن هر ڪم ۾ صلاحيت جي بنياد تي نالو پيدا ڪيو آهي هنن کي رڳو بهترين رهنمائي جي ضرورت آهي جيڪا ذميواري حڪومت جي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.