حراست ۾ تشدد سبب ٿيل موت کي ڏوهه قرار ڏيڻ واري منظور ٿيل بل جي آجيان ڪجي ٿي

رپورٽن موجب سينيٽ ۾ پ پ جي شيري رحمان حراست دوران موت يا تشدد جي خاتمي وارو بل 2021ع ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو. ان بل موجب ڪنهن به شهري تي تشدد ڪندڙ سرڪاري عملدارن کي 10 سال قيد ۽ 20 لک روپين تائين ڏنڊ جي سزا ملي سگهندي. بل تحت ڪنهن به عورت کي مرد اهلڪار جي تحويل ۾ نه ڏنو ويندو. بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪنهن شخص کي ٻئي ماڻهو جي ڏوهه جي بدلي ۾ حراست ۾ نٿو وٺي سگهجي يا ڪنهن ٻئي ماڻهو کي پڪڙڻ لاءِ يا ان جي رهائش واري هنڌ ڳولڻ لاءِ معلومات وٺڻ لاءِ ڪنهن کي تحويل ۾ نٿو وٺي سگهجي.

بل بابت شيري رحمان جو چوڻ آهي ته اهڙو ڪو به قانون موجود نه هو جيڪو تشدد کي ڪالعدم قرار ڏئي ها. ٿاڻن ۾ جاچ دوران غير انساني تشدد ڪيو ويندو آهي جيڪو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.

اسان پ پ سان واسطو رکندڙ سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر محترمه شيري رحمان کي واڌايون ڏيون ٿا جنهن اهڙو انتهائي اهم بل پيش ڪيو ۽ سينيٽ مان پاس ڪرايو آهي جنهن جي اسان ڀرپور نموني آجيان ڪيون ٿا. ڇاڪاڻ ته حراست ۾ قيدين جي تشدد سبب مري وڃڻ جا واقعا هر دور ۾ ڦٻجندا رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ان نوعيت جي تشدد کي ڏوهه سمجهڻ جو قانون نه هوندو هو. هاڻي جڏهن سينيٽر شيري رحمان اهو بل پاس ڪرايو آهي ته اهو هاڻي  قانون بڻجي ويو آهي. جنهن کي اسان انتهائي غير معمولي اڳڀرائي سمجهون ٿا ۽ ان بل کي قيدين کي مليل هڪ حق جي نويد سمجهون ٿا. جنهن تي قيدين کي واڌايون ڏيون ٿا.جن کي اها آٿت نصيب ٿي آهي ته هاڻي مٿن موتمار تشدد نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته هاڻي قانوني طور تي ان کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. هن مرحلي تي اسان کي اهي سڀ سياسي ۽ غير سياسي  قيدي ياد اچي رهيا آهن جن کي حراست ۾ غير انساني تشدد ڪري يا ٽارچر سيلن ۾ ماريو ويو.

سو حراست ۾ موت يا تشدد جي خاتمي واري بل جي اهميت ۽ ضرورت جو احساس ته هر باشعور ماڻهوءَ کي آهي پر مسئلو اهو آهي ته اهڙا بل ته اسيمبلين ۽ سينيٽ مان پاس ٿيندا رهيا آهن پر اصل ڳالهه انهن تي عمل ڪرائڻ جي آهي. پر ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي نظرانداز ڪرڻ گهرجي ته اسيمبلين جو ڪم ئي قانون سازي ڪرڻ هوندو آهي. انهيءَ مقصد لاءِ ئي عوام انهن کي پنهنجن ووٽن ذريعي چونڊي اسيمبلين ۾ پهچائيندو آهي. پر جڏهن انهن ايوانن ۾ چونڊيل ميمبر پنهنجو اصل ڪم ڇڏي ايوانن کي مڇي مارڪيٽ بڻائيندا آهن، منهن ماري ڪندا آهن، هٿين پوندا آهن ته تڏهن ارمان ٿيندو ته هن جڳهه تي ڪهڙا ڪم ٿيڻ گهرجن ۽ ڪهڙا ٿي رهيا آهن. هي اسيمبليون اصل ۾ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جو سرڪاري پليٽ فارم هونديون آهن، اصولي طور تي عوامي مورچو هونديون آهن. عوام جو ڪيس وڙهڻ جو هنڌ هونديون آهن.

ٽيون ڏينهن سينيٽر شيري رحمان ايوان جو حقيقي معنيٰ ۾ مانُ مٿانهون ڪيو آهي. ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهڙن ايوانن کي درست نموني استعمال ڪجي ۽ انهن کي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪتب آڻجي ته تمام وڏا ڪم ڪري سگهجن ٿا. ان بل پاس ٿيڻ سان قيدين سان ڪيڏو وڏو انصاف ٿيو آهي تنهن جو احساس ته اُهي ئي ڪري سگهن ٿا پر ان سان خود ملڪ جي عزت ۾ پڻ اضافو ٿيندو. انساني حقن جون تنظيمون پڻ ان بل پاس ٿيڻ تي بيحد مطمئن ۽ سرخرو ٿيون هونديون.

حراست دوران موت يا تشدد جي خاتمي وارو بل هڪ اهڙي وقت ۾ پاس ٿيو آهي جڏهن لاقانويت اوج تي آهي. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ چچريل لاشن ملڻ جو سلسلو چوٽ چڙهيل آهي ۽ حڪومتون توڙي عدالتون به انهن آڏو بيوس آهن. اهڙي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ اهو بل پاس ٿيڻ جي اهميت ۽ ضرورت ويتر وڌي وڃي ٿي. هن بل جي ٻي خاص ڳالهه عورتن کي مرد پوليس اهلڪارن جي حوالي نه ڪرڻ جو قانون لاڳو ٿيڻ آهي ۽ ڏوهارين بدران سندن وارثن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ آهي.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان اهم قانوني بل تي عمل ٿئي ۽ عمل ڪرائڻ حڪومتي ادارن  توڙي جيل انتظاميا جو آهي جيڪڏهن حراست ۾ تشدد سبب ڪنهن قيديءَ جو موت  ٿئي ته هن بل موجب واقعي به جوابدار کي جوڳي سزا ملي. جيستائين جوابدارن کي قانون موجب سندن ڏوهن جي سزا نه ملندي تستائين قانون پاڻ سان انصاف نه ڪري سگهندا.

اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته حراست ۾ موت يا تشدد جي خاتمي وارو بل مڪمل اتفاق سان پاس ٿيو آهي. اها اڃا به وڏي ڳالهه آهي ته اهو بل اپوزيشن جماعت جي سينيٽر پيش ڪيو ۽ پاس ڪرايو، جنهن سان ملڪ جي توڙي پارليامينٽ جي عزت ۾ اضافو ٿيو آهي. حڪومتي ڌر به سٺي ڳالهه آهي ته ان کي انا جو مسئلو نه بڻايو. اهڙن فورمن مان اميد به حقيقي معنيٰ ۾ اها ڪرڻ گهرجي ته اهي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي اهي ڪم ڪن جيڪي عوام جي فائدي ۾ هجن. اها ئي اها ذميواري آهي جيڪا آئيني ۽ اخلاقي طور تي سڀني پارلياماني ميمبرن تي لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجو گهربل ڪم ۽ اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين جهڙو سينيٽر شيري رحمان ڪري ڏيکاريو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.