ڇا افغان عوام کي مضبوط حڪومت ۽ امن ملي سگهندو؟

تحرير: رياض لنڊ ايڊووڪيٽ

افغانستان ۾ گڏيل قومن جي ٺهراءُ تحت داخل ٿيل فوجون جيڪي آمريڪي فوج جي اڳواڻي ۾ داخل ٿيون ھيون سي افغانستان مان نڪري ويون آھن .ڪيترن سالن کا ھلندڙ دوھا ڳالھه ٻولھه جيڪا بنيادي طور تي طالبان سان افغانستان ۾ مضبوط حڪومت جوڙڻ جي حوالي سان آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جي وچ ۾ ھلندڙ ھئي ان وچ ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ  ٽرمپ اٻھرائي ۾ اھو اعلان ڪيو ته آمريڪي فوج افغانستان مان نڪرڻ چاھي ٿي ان تناظر ۾ ڳالھين کي اڳتي وڌايو ويو ان جي اليڪشن جي شڪست کانپو۽ دوھا ڳالهين ته هلنديون رهيون پر نئين صدر جو بائيڊن  جي طرفان تڪڙي وڃڻ  واري حڪمت عملي نظر آئي.

ڪجهھ ڏينھن اڳ آمريڪي حڪومت طالبان سان مذاڪرات ۾ ڪنھن مک اڳڀرائي کانسواءِ ھڪ طرفي طور تي افغانستان خالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن جي ڪري ڳالهين  ۾ شريڪ ڌرين ۽ علائقي جي ملڪن ۾ حيرت جو عنصر پيدا ٿيڻ اڻٽر ھيو. ان مان ھڪ شئي ته واضح ٿي ته آمريڪا ۾ حڪومت ڪنھن به پارٽي جي ھجي پر پرڏيھي پاليسي ۽ بچاءَ واري پاليسي جنھن کي ٻين لفظن ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي چئي سگھجي ٿو سا پينٽاگون ۽ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسواءِ ٺھڻ ممڪن ناھي.ڇو ته ٽرمپ ۽ جو بائيڊن جو موقف، افغانستان جي اشو تي مختلف رھيو آھي پر آمريڪي اسٽيبلشمينٽ مستقل مزاجي سان ان پاليسي تي عمل پئي ڪيو جنھن جو نتيجو افغانستان کان آمريڪي فوجن جي  وڃڻ  جي صورت ۾ نڪتو .

افغانستان جي ڌرتي خالي ڪرڻ جا سبب ڪھڙا آھن ۽ آمريڪي فوج جي نڪرڻ  کانپوءِ افغانستان جي سياسي صورتحال کي ڪھڙي نظر سان ڏسڻ گھرجي سي اڄ جا بنيادي سوال آھن. افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ ڪجھه شيون سمجھڻ جھڙيون آھن گذريل ويھن سالن ۾ چين ان خطي جو طاقتور ملڪ ۽ معاشي پاور طور آڏو آيو آھي، اھڙي ريت روس به سوويت جي ٽٽڻ کانپوءِ سرمائيداري جي بنياد تي ڌڪ پچائي معاشي سطح تي سگهاري ٿيڻ جي صورتحال ۾ موجود آھي انھن ٻنھي ملڪن جا ھن خطي ۾ اھم معاشي ۽ ڪاروباري مفاد آھن جن کي ڪنھن طرح  به نظر انداز ڪرڻ ممڪن ناھي، آمريڪا سان ڪاروباري ۽ سلامتي وارن اشوز تي انھن ملڪن جو خطي جي حوالي سان تضاد موجود آھي، آمريڪا لاءِ  اھو ممڪن نه ھو ته جنگ آمريڪا وڙھي پر مستقبل جي جنگ جي نتيجي ۾ مليل  امڪاني فائدن مان لاڀ اُھي ملڪ به وٺن، ان ڪري آمريڪا جي اھا ترجيح ٿي وئي ته وڌيڪ ھن جنگ ۾سيڙپڪاري  ڪري پنھنجي معاشي وزن  کي نه وڌائي، ويٽنام وانگر آمريڪي فوجين جي مائٽن طرفان به آمريڪي حڪومت دٻاءَ ۾ آيل ھئي سمورين قوتن لاءِ  سندس نڪرڻ  جي طريقيڪار تي اچرج موجود آھي پر منھنجي خيال ۾ ظاھر م نظر  ايندڙ ڳالهين کانسواءِ ڳجهيون ڳالهيون به ٿيون آھن جنھن ۾ آمريڪا کي طالبان پاران افغانستان ۾ حڪومت ٺاھڻ جي سھڪار جي موٽ ۾ طالبان پاران روس ۽  چين جي مقابلي ۾  سندن مفادن کي تحفظ ڏيڻ آھي.

توھان غور ڪيو ته گذريل ٻن سالن کان وٺي اشرف غني جنھن جو چوڻ آھي ته، سندس حڪومت افغان عوام جي نمائنده حڪومت آھي ۽ سندس چونڊ به آمريڪي سھڪار سان جڙيل سياسي نظام تحت ٿي  اھو به آمريڪا کان ڪافي ناراض پئي نظر آيو، جنھن مان پڻ نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته طالبان جي اڳڀرائي  سوچي سمجھي منصوبي تحت آھي، افغان ضلعن جي انتظاميا  آمريڪا جي ڊگھي عرصي تائين افغانستان ۾ رھڻ ڪري سندن اثر ھيٺ رھي آھي اھڙي طرح افغان نيشنل آرمي جي تربيت به آمريڪي فوج  ڪئي آھي، سو اھي سمورا عنصر ٻڌائين ٿا ته اھي سڀ ماڻھو طالبان جي نام نهاد علائقن جي قبضي واري ڊرامي ۾ آمريڪا جي چرچ تحت عمل ڪري رھيا آھن. خانگي ٽي وي چينل  جي صحافي سليم صافي کي انٽرويو ڏيندي طالبان ترجمان سھيل شاھين  چيو آھي ته  ھنن ضلعن تي قبضو نه ڪيو آھي پر غني انتظاميه جي عملدارن سان ٽياڪڙي جي نتيجي ۾ طالبانن  انتظام سنڀالي ورتو آھي جنھن مان پڻ ڪنھن ڳجهي معاھدي جو تاثر پيدا ٿئي پيو.

پاڪستان ھر طرح سان سڀني  کان وڌيڪ  متاثر ملڪ آھي تنھن ڪري پاڪستان جي دلچسپي به نئين صورتحال ۾ اڻٽر آھي. پاڪستان جو سماج ھن جنگ جو سڌي نموني شڪار آھي پنجاھ ھزار کان وڌيڪ شهادتون، اربين روپين جي انفراسٽرڪچر جي تباھي ھيروئن ڊرگ ٽريفڪنگ ھن جنگ جو تحفو آھن. ڪجھه ماڻھن جي معاشي ترقي جنگ جي ڪري ٿي آھي جيڪي ھينئر پاليسين ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آھن .

ان صورتحال ۾ پاڪستان اڻڌريو رھي نٿو سگھي پر سندس ڪردار لاءِ  اڳوڻي فاٽا جي عوام جي کين سياسي حمايت ضروري آھي طالبان يا ٻئي ڪنهن عوامي حمايت کانسواءِ ان خال کي پور نه ڪري سگھندا موجوده صورتحال ۾ فاٽا جو عوام ناراض آھي سندن عوامي نمائندن جي خلاف بغاوت جا ڪيس آھن، محسن داوڙ  ايف آءِ ار ھيٺ آھي قومي اسيمبلي جو ميمبر  علي وزير جيل ۾ پيل آھي، ان صورتحال ۾ فاٽا جيڪو فرنٽ لائين ايريا آھي فقط فوجي  طريقن سان ويجھو نٿو ٿي سگھي رياستي پاليسين ٺاھيندڙن کي فاٽا جي چونڊيل  نمائيندن سان ڳالھائڻو پوندو .

پاڪستان جي پاليسي چين آمريڪا طالبان کي گڏ کڻي ھلڻ جي آھي جيڪا ھينئر مدي خارج نظر ٿي اچي. جيڪڏھن طالبان، افغان حڪومت تي آمريڪا جي اندروني سھڪار سان قبضو ڪرڻ ۾  ڪامياب ٿي ويا جيڪو في الحال ممڪن ناھي ته پوءِ سول وار ۽ نيون پراڪسيون جنم وٺنديون جيڪو افغان عوام لاءِ  تمام گھڻو نقصان جو سبب بڻبو. ان سڄي صورتحال کان تنگ اچي افغان عوام  ڪن ٻين قوتن کي اڳتي آڻڻ جو سوچي  سگھي ٿو يا پراڻا ڪميونسٽ به پنھنجو ڪردار آڏو آڻي سگھن ٿا جيڪي ڪجهھ خاموش ٿي گھر ويٺا آھن ته ڪجهھ زندگيون بچائڻ لاءِ  طالبان جو حصو ٿي ويا ھيا ڪجھه اڃان افغان معاشري ۾ پنھنجو اثر رکن ٿا افغان معاشرو بيحد ڳنڀير آھي ان کي سمجھڻ به ڏکيو آھي موجود حالتن ۾ اھو چئي سگھجي ٿو ته مضبوط افغان حڪومت يا امن فلحال افغان عوام جو خواب آھي جيڪو جلدي ساڀيان ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.