حقيقي احتساب ڪڏهن ٿيندو؟

تحرير: حاڪم نصيراڻي

چار سو ارب جي ڪرپشن ڪا مذاق ناهي جيڪا هن حڪومت کان اڳ روز ٿيندي هئي جڏهن بجلي گيس مهانگي ٿئي سمجهو ته حڪمران ڪرپٽ آھن۔ روڊن تي گهلي پيٽ چيري عوام جي پائي پائي جو حساب وٺنداسين“۔ هي اهي ڳالهيون هيون جيڪي اسان کان اڃا نه وسريون آھن۔

اسان جو وزير اعظم صاحب وڏي واڪي بهترين انداز سان ڪرپشن جا انگ اکر پنهنجي تقريرن ۾ بيان ڪندو هو۔ اسان کان ته خسرو بختيار به ناهي وسريو جيڪو ڪالهھ به حڪومت ۾ ھو اڄ به حڪومت ۾ آھي۔ اسان کان ته ايم ڪيو ايم وارا به ناهن وسريا جيڪي ڪالھه به حڪومت جا ساٿاري هئا اڄ به اهي ”نفيس ماڻھو“ حڪومت ۾ موجون ماڻن ٿا۔ احتساب جو نعرو ته لڳندو آھي پر احتساب ٿيندي نظر ڪنهن کي نه ٿو اچي۔  بادشاهت ۽ جمهوريت ۾ اهو فرق آھي جو بادشاهت نسل در نسل هلندي ايندي آھي جنهن ۾ رعيت کي اهو اختيار ناهي جو بادشاهه جي چونڊ ۾ پنهنجي راءِ  شامل ڪري سگهي۔ بادشاهه جا اختيار لامحدود هجن ٿا بادشاهه جي مرضي آھي اڇي کي ڪارو ڪري يا وري ڪاري کي اڇو ڪري، ڪنهن جي ڪهڙي مجال جو سندس اختيارن تي اعتراض ڪري، جي ڪنهن ائين ڪيو ته سسي ڌڙ کان ڌار پئي هوندس۔ جمهوري طرز حڪومت ۾ عوام جي مرضي هوندي آھي جنهن کي وڻي چونڊي اقتدار جي منصب تي ويهاري جنهن کي چاهي گهر ڀيڙو ڪري۔ چونڊيل حڪومت جا اختيار هڪ آئين تحت محدود هوندا آهن  جنهن ۾ هر ڪنهن کي هڪ محدود دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پئي ٿو۔

هن وقت ڪجهه ملڪن کي ڇڏي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بادشاهت هوندي به حڪومت جمهوري انداز سان ڪئي وڃي ٿي۔ عام چونڊون ٿينديون آھن کٽي ايندڙ پارٽي کي آئيني طريقي سان اقتدار منتقل ڪيو ويندو آھي بادشاهه اقتدار جي منتقلي ۾ رنڊڪ وجهڻ بدران ساٿ ڏيندا آھن ائين جمهوريت جو گاڏو هلندو رهي ٿو۔

اسان جو ملڪ بظاهر هڪ جمهوري ملڪ آھي هر پنجن سالن کان پوءِ  اليڪشن ٿيندي آھي. کٽي ايندڙ پارٽي کي اقتدار منتقل ٿيندو آھي۔ اها ٻي ڳالھه آهي جو اسان جا جمهوريت پسند اڳواڻ اقتدار ملڻ کان پوءِ  پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ لڳندا آھن۔ پياري ملڪ جي مني صدي جي تاريخ ۾ ڪيترائي سال  آمريت جي ثمر جو چسڪو به چکي چڪا آھيون۔

اسان وٽ اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ پسنديده موضوع  احتساب، لٽيل دولت واپس ڪرڻ، ٺڳن ۽ چورن کان نجات واريون تقريرون ۽ نعرا هوندا آهن. انهن نعرن ۽ ڳالهين تي  اسان جي سياست جو ٻيڙو ترندو رهندو آھي۔اليڪشن کان اڳ سياست کي خدمت سمجهندڙ  سياستدان جڏهن ڪامياب ٿي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا ته اهو خدمت وارو جذبو خودبخود سندن وجود مان نڪري وڃي ٿو بس هو رڳو مال ميڙڻ ۽ پنهنجن کي نوازڻ ۾ لڳي ويندا آھن۔

اليڪشن ويجهو ايندي ڪجھه  ماڻھو پنهنجي عادت مطابق نوان وٿاڻ وسائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن جن کي اڳ لوٽو ۽ هاڻي وري انهن لاءِ  سياسي ڊڪشنري ۾ نئون لفظ اليڪٽيبلز شامل ٿيو آھي۔ هي اهو لفظ آھي جنهن جي ڇاپ لڳڻ کان پوءِ  انهن جي ڪرپشن بدعنواني نااهلي جهڙا داغ جمهوريت جي بقا، ملڪ جي وسيع تر مفادن  جي ڇانوَ ۾ پنهنجا پيرا وڃائي ويهن ٿا۔ ان ڪري انهن کان ڪنهن به قسم جي ڪا به پڇا ڳاڇا نه ٿيندي آھي۔ انھن جي بدران جيڪي پنهنجي پارٽي سان سچا ٿي بيهن ٿا ۽ وقت جي حڪمرانن جي آڻ نه مڃن ٿا سي احتساب جي نالي تي ھر قسم جي تذليل ۽ سختيون برداشت ڪندا  آھن۔ آصف زرداري احتساب واري چڪر ۾ پنهنجي زبان ڪٽرائي ويٺو، نواز شريف، شھباز شريف ۽ مريم نواز فريال ٽالپر  نواز ليگ ۽ پ پ پ جا ٻيا به ڪيترا اڳواڻ نيب جا قيد ڪاٽي آيا آھن۔.

نيب جي قيد  دوران قيدين سان ٿيندڙ سلوڪ جا چرچا به سڀني ٻڌا هئا۔نيب لاءِ  اهي به ڳالهيون مشھور ٿيون هيون جو  ڪجھه  خاص قيدين جي هر چرپر تي نظر رکڻ لاءِ  ڪيمرائن جي چوڪيداري جو ڄار وڇايو ويو هو ايتري تائين جو باٿ روم ۾ به ڪيمرائون لڳايون ويون۔گذريل ڏينهن شھباز شريف عدالت ۾ دانهيندي چيو ته نيب عملي سندس توهين ڪئي ۽ مسلسل ٺٺول ڪندو رهيو ۔

هاڻي ڏٺو وڃي ته هي ڪهڙي قسم جو احتساب آھي جيڪو مڪمل ٿئي ئي نه ٿو۔ جڏهن به حڪومت تي ڪو ڏکيو ڏينهن ايندو آھي احتساب جو عمل تيزيءَ سان شروع ٿي وڃي ٿو جڏهن ڪم نڪري وڃي ٿو وري احتساب جو عمل به ريڙھيون پائڻ شروع ڪري ٿو۔

پاڪستان شايد اهو واحد ملڪ آھي جتي بي ايمان چور لٽيرا صرف مخالف ڌر وارا ۽ انهن جا ڪجھه  ويجها بيوروڪريٽ هوندا آهن ۽ جيڪي پنهنجي وفاداري تبديل ڪري حڪومت ۾ شامل ٿي وري وزارتن جا مزا ماڻن سي سڀ آجا ٿيو وڃن۔

منهنجو مقصد ڪنهن جو دفاع ڪرڻ يا ڪنهن جي طرفداري ڪرڻ ناهي پر هڪ عام شھري هجڻ جي ناتي منهنجي ذھن ۾ جيڪي سوال اٿن ٿا شايد اهي سڀ سوال عام ماڻھن جي ذھن  ۾ به هجن۔ هر محب وطن شھري جيئان منهنجي به خواهش آھي سخت ترين احتساب ڪرڻ، قومي خزاني کي لٽي پنهنجا گهر ڀرڻ وارن کي بدترين سزا ڏني وڃي۔ هر باشعور پاڪستاني اهو چاهي ٿو۔ نيب  کي گهرجي ته سڀن جو احتساب ڪري صرف حڪومت مخالف ماڻھن کي نشانو نه بڻايو وڃي۔ نيب کي اهو به اختيار ناهي ته ڪنهن جي تذليل ڪري ڇو ته انهن اڳواڻن سان به لکين ماڻھو پيار ڪن ٿا۔ نيب جي ڪيسن جي مضبوطي جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو جو جن جن تي نيب مضبوط کان مضبوط ڪيس بڻايا سي سڀ ضمانتن تي آزاد ٿي ويا ۽ عدالت سڳوري جي معزز ججن جا ريمارڪس نيب جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ  ڪافي هئا۔

منهنجي نظر ۾ احتساب ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي صرف  85 کان پوءِ  جي سياستدانن جي ملڪيتن کي ڏسجي ته سڀني جا اڇا ڪارا ظاهر ٿي پوندا۔ علائقي جي ماڻھن کي سڀني جي حيثيت جي خبر آھي  صرف انهن کان ئي معلومات وٺجي سڄي خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ ھو ۔ نجي محفلن ۾ دوست هڪ ٻئي سان ڪچھري ڪندي سچ ٻڌائي ڇڏيندا آھن ته ”فلاڻي خان يا ڀوتار جي اڳ هي حيثيت هئي هاڻي صاحب جن هن پوزيشن ۾ آھن“۔ نه صرف سياستدانن پر بيورو ڪريٽس جو به گهيرو تنگ ڪري جانچ ڪجي تڏهن به گهڻو ڪجھه  ظاهر ٿيندو ڇو ته انهن بيورو ڪريٽس کي سڀن جي خبر هوندي آھي ته سياستدانن ڇا ڇا ڪندا رهيا۔ زمينون ڪيتريون ڪڏهن ۽ ڪئين سندن نالن ٿيون اهو سڀ ڪجھه  روينيو وارا ڄاڻن ٿا۔

اليڪشن وقت جمع ڪرايل گوشوارن کان پوءِ  جي آمدني ۽ ملڪيتن کي ظاهر ڪجي تڏهن به گهڻو ڪجھه  ظاهر ٿيندو۔ انهن جي پٽن زالن جي ملڪيتن جو حساب ڪجي تڏهن به سڀني جي اوقات عيان ٿيندي۔  ڪا به حڪومت احتساب ڪرڻ نه چاهيندي آھي ڇو ته سڀ جا سڀ چور آھن يا وري چورن جا ساٿاري۔ بس جڏهن به ڪنهن نيت سچي ڪري احتساب ڪيو ان ڏينهن پاڪستان جي غريب عوام جا ٻڏل اربين رپيا يڪدم ظاهر ٿي پوندا ۽ ملڪ خوشحال ٿيندو پر ڏسجي ته اهو حقيقي احتساب ڪڏهن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.