ڪورونا جي چوٿين لهر ۽ ويڪسين زوريءَ لڳائڻ وارو مرحلو

تحرير: عاجز انور لاشاري

چيو پيو وڃي ته ڪورونا جي چوٿين لھر ملڪ ۾ داخل ٿي چڪي آھي،ان کان اڳ شروعاتي مرحلي ۾ وبا کان بچاءُ بابت رڳو پري پري رھڻ دوريون اختيار ڪرڻ، ھٿ ڌوئڻ ۽ ماڪس پائڻ تي سختي سان عمل ڪرايو پئي ويو،ڪورونا جي ٻي لھر ۾ مڪمل عبادت گاھن توڙي اجتماعن تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو،ٽئين مرحلي ۾ ويڪسين تيار ٿي وئي ھئي جيڪا اسپتالن تائين محدود رکي ماڻھن کي پھريون ڊوز لڳائڻ لاءِ اسپتال اچڻ توڙي وڃڻ جا اطلاع پئي ڏنا ويا،ٽئين لھر ۾ به ساڳي ريت ھدايتون جاري رھيون ۽ وڏن وڏن شھرن ۾ ويڪسين کي آڻي ماڻھن کي پھريون ڊوز لڳائڻ شروع ٿي ويو ھو،ھاڻي چوٿين لھر جڏھن داخل ٿي آھي تڏھن ويڪسين روڊ رستن تي به عملو پاڻ پيرن پنڌ وڃي زبردستي ويڪسين لڳائڻ لاءِ پوليس اھلڪار ۽ ھيلٿ عملو سرگرم آھي اتي ٽائون انتظاميه به ھيلٿ اداري سان ڀرپور سھڪار ڪري گڏ گڏ ھلي رھي آھي انھيءَ لاءِ وفاقي توڙي سنڌ گورنمينٽ حڪمت عملي جوڙي وبا تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ گھر گھر ويڪسين جا به ٻڌڻ ۾ آيو آھي بندوبست ڪري ڇڏيا آھن.

جيتوڻيڪ ويڪسين وبا کان بچاءَ بابت آھي پر سوشل ميڊيا تي مختلف جعلي فيسبڪ اڪائونٽ تي رکيل ويڪسين بابت پوسٽن ۾ ڪوڙو خطرو ۽ خوف ڄاڻائي ماڻھن کي مڪمل طور تي منجھائي وڌو ھو باقي رھي ڪسر جعلي اڪائونٽ تي رکيل پوسٽن کي اوريجنل ماڻھن شيئر ڪري وڌيڪ خوف کي پنھجي ارد گرد مڪمل طور تي زنده رکي ويڪسين نه ھڻائڻ جو ڪاٿو پورو ڪري ورتو ھاڻي ھيلٿ عملدار پوليس اھلڪارن کي ساڻ ڪري جڏھن شھر جي مين روڊن رستن تي نڪري وزٽ ڪرڻ شروع ڪيو پڇا ڪرڻ لڳا ته ويڪسين لڳائي آھي يا نه ته ڪو به ماڻھو بيھڻ لاءِ ٻڌائڻ لاءِ به ته تيار ئي ڪونه ھو، نه ئي ويڪسين ھڻائڻ لاءِ رضامند آھن، ان جا سبب اهي آهن جو سوشل ميڊيا تي غلط بي بنياد پوسٽن انساني دماغ تي وڏا اثر ڇڏيا آھن ڇاڪاڻ جو ھڪ پوسٽ ڏھ ماڻھن جڏھن شيئر ڪئي ته انهن ڏھ ماڻھن سان لاڳاپيل ھزارين دوست به ان پوسٽ کي ڏسندا پڙھندا رھيا جنھن سبب ڪورونا واري ويڪسين جيڪا وبا لاءِ موت ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند ھئي اھا انساني زندگين لاءِ ھاڃيڪار ٻڌائي پئي وئي، گذريل ڏينھن تلھار ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ رازو مڪواڻو پوليس اھلڪارن ساڻ جڏھن بڙ چوڪ وٽ پھتو اتي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي بيھاري پڇا پئي ڪئي ته ڇا اوھان ويڪسين جو پھريون ڊوز لڳرايو آھي يا نھ بس ايتروئي مس شروع پئي ٿيو ته ڪو رڪشا چنگچي وچ مان اسپيڊ سان ڀڄڻ لڳو ته ڪار وري گتون ھڻي ٻيو پاسو وٺي نڪرڻ لڳي.

بڙ چوڪ تي ڳالھه اھا ھلي وئي ته ڪورونا واري سئي زوريءَ پوليس وارا پڪڙي ھڻائي رھيا آھن،جڏھن ته ھيلٿ عملي پاران ويڪسين جو ڊوز ھڻايو آھي يا نه اھا پڇا ڪري ڊوز ھڻڻ لاءِ مرضيون رضامنديون پڇيو ٿي ويو ،جتي ھيلٿ عملدار ڊوز ھڻائڻ لاءِ ماڻھن کي منٿون ايلاز ڪري رھيا ھئا اتي ماڻھو ويڪسين ۾ خطرو سمجھي پٺيان وڃي رھيا ھئا آخرڪار پوري شھر ۾ ايمبولينس روڊ تي رکيل ڌوڙ کي ڪافي وقت اڏاريندي ويندي رھي صحت کاتي جي ملازمن پاران انساني خدمتن لاءِ ورتا پئي ويا اتي عام ماڻھن کي ھيلٿ ملازم مطمئن ڪونه پئي ڪري سگھيا، انجو ٻيو ڪو سبب نه ھو فقط حوالو سوشل ميڊيا جو ماڻھن ٻڌايو پئي ته سئي لڳڻ بعد ٻه سال حياتي ھوندي اٻوجهھ ماڻھن پئي خوف مان بيان ڪيو جنھن ۾ عام ماڻھن يا ھيلٿ وارن جو ڪوئي ڏوھ نه آهي پر سوشل ميڊيا تي جعلي فيسبڪ اڪائونٽن جو ئي ھو ڪڌو عمل ھو جنھن تي غلط بي بنياد خبرن ماڻھن جا ذھن ڦيري ورتا ھئا ۽ ماڻھن جي دلين دماغن ۾ خوف ڀرپا ڪري وڌو ھو ۽ آخرڪار آئين ئي مفت ۾ لڳندڙ ويڪسين ماڻھن ڪون پئي ھڻائي،اڳ ۾ ماتا ۽ پوليو جو مرض ۽ مختلف بيماريون دنيا ۾ پيدا ٿيون ھيون ھاڻي ڪورونا ڪووڊ19 به دنيا ۾ پنھجو خوف سوشل ميڊيا جي مدد سان ماڻھن جي دلين ۾ ڄمائي رکيو ھو، ماڻھو ويڪسين جي فائدن کان پوري طرح لاعلم ۽ بي خبر پڻ ھئا،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.