کنڀيل رميش ڪمار جي گرفتاري ظاهر، دهشتگردي جا الزام

ڪراچي/ جهڏو ( نمائندا) پوليس ۽ ڳجهن ادارن ايئرپورٽ ڀرسان ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي جسمم شفيع برفت  گروپ جي ماسٽر مائينڊ رميش ڪمار ولد رام چند کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي گرفتار جوابدار 2010ع کان 2015ع تائين ڪراچي ۾ ٿيل 38 کان وڌيڪ ڪريڪر/ دستي بم حملن جو ماسٽر مائينڊ هو، جوابدار ٻين ساٿين سان ملي ڪراچي ۾ ڪريڪر حملن سميت شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ، هڙتالن دوران هنگاما ۽ گاڏيون ساڙڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدار اعليٰ تعليم يافته هجڻ سان گڏ مختلف قسمن جو ڌماڪا خيز مواد ۽ بم ٺاهڻ جو ماهر آهي. پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو ته کيس ڏوهاري ڪاررواين جا حڪم ۽ فنڊ جرمني ۾ پناهه ورتل ڪالعدم تنظيم جسمم جو سربراهه شفيع برفت ڏيندوهو، هوڏانهن ٽنڊو جان محمد سان تعلق رکندڙ کنڀي گم ڪيل رميش ڪمار کي ڪراچي ۾ ظاهر ٿيڻ بعد نوجوان جي امڙ ھتي ٻائي ۽ والد رامچند ميگھواڙ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس پٽ کي ڪراچي جي هوپ گارمينٽس ڪمپني مان ڪم ڪرڻ دوران کنڀي گم ڪيو ويو بعد ۾ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻائي ظاهر ڪيو ويو، هنن چيو ته سندس پٽ جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان واسطو نه هو سياست کان لاتعلق ٿيڻ بعد روزگار سانگهي ڪراچي ويل هو، ان باوجود هن کي گرفتار ڪري دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، جيڪا اسان جي خلاف سازش آهي، رميش ڪمار جي امڙ هتي ٻائي دل برداشته ٿي چيو ته پٽ جي کنڀجڻ ۽ مختلف ڪيسن ۾ ظاهر ڪرڻ واري عمل بعد بيماري جي بستري تي پيل آهيان اسان جي پٽ کي آزاد ڪيو وڃي، هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، عالمي ادارن، توڙي انساني حقن جي تنظيمن کان اپيل ڪئي آهي ته اسان جي پٽ کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.