2030 جي دائمي ترقي لاءِ عالمي ايجنڊا

تحرير: اسحاق سومرو

دنيا ۾ 2030 تائين پائيدار ترقي لاءِ هڪ جامع ايجنڊا جيڪا سيپٽمبر2015 ۾ اقوامي متحده جي سڀني ميمبر ملڪن جي طرفان پائيدار ترقي ايجنڊا براءِ 2030 جي نالي سان تشڪيل ڏني وئي. اها ايجنڊا پوري دنيا جي سڀني ملڪن ۾ پائيدار خوشحالي،سماجي شموليت ۽ برابري جي لاءِ هي هڪ مڪمل منصوبوهو. انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموري دنيا جا ملڪ سرگرم عمل آهن. جيئن ئي پائيدار ترقي جي گولن  جي ملڪن ان جي منظوري ڏني ۽ ان لاءِ  (ايس ڊي جيز) کي مارچ 2016 ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيوويو. جتي هن عالمي ترقياتي ايجنڊا کي  گڏيل حمايت سان منظور ڪيوويو جنهن سان (ايس جي ڊيز) جي ايجنڊا اسان جي ملڪ جي قومي ايجنڊا بڻجي وئي.

ان سلسلي ۾ فوري طور تي قومي اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ ديرپا ترقي جي انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ (ايس ڊي جيز) سيڪريٽريٽ قائم ڪئي وئي.ان سان گڏو گڏ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين بشمول گلگت بلتستان، آزاد ڪشميرجي چونڊيل نمائندن تي ٻڌل ٽاسڪ فورسز جو قيام عمل ۾ آندو ويو.قومي ۽ صوبائي سطح تي ترجيحي فريم ورڪ جوڙيا ويا.پر اهو سڀ ڪجهه جوڙڻ جي باوجود پاڪستان ۾ رهندڙ عام ماڻهن، عورتن، نوجوانن، وڏي عمر جي بزرگن، معذورن،سرڪاري،غيرسرڪاري توڙي پرائيويٽ سيڪٽر۾ ڪم ڪندڙ هارين،مزدورن ايستائين جو وڏا ڪاروباري ماڻهون به هن عالمي،قومي ۽ صوبائي سطح تي ترجيحي ترقياتي ايجنڊا جي مقصدن توڙي هدفن کان اڻ واقف آهن. بدقسمتي سان هزارساله ترقياتي هدفن جن کي  “ملينيم ڊولپمينٽ گولز” ( ايم ڊي جيز) چيو ويندو هو،کي حاصل نه ڪري سگھڻ پويان پڻ ان متعلق عوام ۾ آگاهي جو نه هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو.جيڪي گول 2000 ۾نئين ملينيم شروع ٿيڻ تي طئه ڪيا ويا هئا جن جو ٽارگيت 2015 تائين رکيوويوهو.

پاڪستان ۾ 2030 تائين ترقياتي هدفن جي حصول کي يقيني بڻائڻ لاءِ ۽ ان جي ايجنڊا جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضرورت آهي ته انهن عالمي،قومي ترجيحي گولز۽ ان جي مقصدن کي سمجهڻ لاءِ انهن کي آسان زبان ۾تحرير ڪري وڏي پيماني تي اجاگرڪيو وڃي. ترقياتي اشارن(اينڊ يڪيٽرس) کي به اردو توڙي ٻين،خاص طورتي سنڌي ٻولي ۾ وڌ کان وڌ شايع ڪيو وڃي جيئن معاشري جو هر فرد حڪومتي واعدن جي ڄاڻ کان محروم نه رهجي وڃي. ڇاڪاڻ ته ترقي جو پهريون شرط صحيح ۽ بروقت ماڻهن تائين معلومات پهچائڻ پڻ آهي، ان لاءِ ترقياتي هدفن جي پس منظر کان وٺي 2030 تائين جي ترقي جي ترجيحي ايجنڊا کي وڏي پيماني تي عملدرآمد لاءِ ملڪي توڙي صوبائي سطح تي ٿيندڙ ڪوششن جي آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي.

2030 جي پائيدار ترقي لاءِ جيڪي سترهن حدف طئه ڪيا ويا آهن، انهن ۾ سڀ کان پهريون ترجيحي گول، غربت جو خاتموآهي. ان کان پوءِ بک جوخاتمو،سٺي صحت ۽ بهترزندگي، معياري تعليم،صنفي مساوات،صاف پاڻي ۽ حفضان صحت، سستي ۽ عمده توانائي،سٺوڪم ۽ اقتصادي ترقي، صنعت، جدت ۽ بنيادي ڍانچو،عدم مساوات جوخاتمو، پائيدار شهر ۽آباديون،ذميواراناکپت ۽پيداوار،موسمياتي تحرڪ،آبي حيات، خشڪي تي زندگي،امن وانصاف۽ مظبوط ادارا،مقصدن لاءِ شراڪت داري.

انهن 17 گولن ۾ غربت جي خاتمي مان مراد آهي ته  ڪوبه فرد پوڻن ٻن ڊالرن کان گھٽ نه ڪمائي،سندس خوراڪ چوويهه سوڪيلريز کان گھٽ نه هجي.صحت جون سهولتون سڀني لاءِ يقيني هجن،صرف تعليم نه پر بهترتعليم ڏني وڃي،پيئڻ جي صاف پاڻي سان گڏ پيشاب ۽ ڪاڪوس جون سهولتون فراهم هجن، مناسب اقتصادي واڌ سان گڏ انڊسٽري ۽ بهترروڊن جو هجڻ،برابري ۽ جمهوريت جو نفاذ،ماحول دوست شهر،ضرورت مطابق پيداوار،ضرورت کان وڌيڪ نه کائو۽ نه ضايع ڪيو، گلوبل وارمنگ تي ڪنٽرول،سامونڊي ۽ جهنگلي حيات جو تحفظ،ادارن جي خودمختياري سان گڏ امن ۽ انصاف جو هجڻ،شراڪت داري ۽ هڪٻئي جو سهارو بڻجڻ،سستي ۽ آلودگي کان پاڪ انرجي،بجلي  پيدا ڪرڻ جو 2030 تائين دنيا جي ملڪن کي ٽارگيٽ ڏنو ويوآهي ته جيئن هو پنهنجيون پاليسيون، منصوبا،وسيلن جي منصفاڻي ورڇ،نگراني ۽ جانچ جواهڙو نظام جوڙين جيئن 2030 جي حدفن کي حاصل ڪري سگھجي.

ان لاءِ چونڊيل نمائندن، نوجوانن،تدريسي عملي، سول سوسائٽي،ميديا توڙي سياسي ڪارڪنن جو ڪردار انتهائي اهم بڻجي ٿوجن جي گڏيل تعاون سان ئي ڪاميابي ملي سگھي ٿي.

هن وقت پاڪستان ايس ڊي جي جي انڊيڪيٽرس ۾ دنيا جي 156 ملڪن مان 123 نمبر تي آهي،پرعلائقائي تناظر ۾ اسان جي ملڪ جي شرح ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ گھٽ ۾ گھٽ آهي. جيڪو اسڪور پاڪستان لاءِ تشويشناڪ آهي. اسين پاڪستان جي مستقبل کي ان وقت ئي خوشحال بڻائي سگھون ٿا.جڏهن اسين پنهنجي عوام ۽ ايس ڊي جيز ايجنڊا تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ سرمايه ڪاري ڪري. ڪامياب شراڪت دارين جي ذريعي حقيقي نتيجا حاصل ڪري سگھون ٿا.

دنيا جي ملڪن ۾ پاڪستان ايس ڊي جيز گولز تي عمل درآمد ڪرڻ وارن ملڪن ۾ تمام پوئتي آهي، 2016 ۾ پاڪستان 115 نمبر تي هو جيڪو 2017 گھٽجي 117 تي پهتو جنهن کانپوءِ 2018 ۾ 122 نمبر تي 2019 ۾ اڃان به وڌيڪ پوئتي  130 نمبر تي هليو ويو، جيڪي اشارا ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان جي خراب حڪمراني،بيروني قرضن جو دٻاءُ ،کاڌ خوراڪ جون شيون خاص طور تي ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهران گھرائي ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ جهڙا ڳنڀير مسئلا نشاندهي ڪن ٿا ته  2030 ايجنڊا براءِ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت پاڪستان کي تڪڙا مناسب قدم کڻڻا پوندا ٻي صورت ۾ اسان 2030 تائين انهيءَ خوشحالي جي عالمي ايجنڊا کي رسي نه سگهنداسون.

[email protected]

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.