ڀٽ شاهه وٽان، واپاري جي اغوا خلاف هڙتال، ريلي، مظاهرو، شاهراهه بند ڪرڻ جي ڌمڪي

ڀٽ شاھه( رپورٽ: ارشاد علي ٻگھيو)ڀٽ شاھ جو مغوي واپاري نه موٽيو ڀٽ شاھ ۾ دڪاندارن پاران هندو برادري جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبارو بند رکيو ويو، هڙتال سبب شھر جي شاهي بازار، درگاھه چاڙهي،  اسٽيشن روڊ۔درگاھ روڊ،  شاھ حبيب چوڪ ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند رهيا، هڪ ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل واپاري واسو مل جي بازيابي لاءِ شھرين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، ديوان برادري ۽ دڪاندار ايسئوسيئشن طرفان گاگنداس، وجي ڪمار، انيل ڪمار، ليارمل، لڇمڻ داس، لالا خيرمحمد راهو ۽ سيد هاشم شاھ، سردار اياز ميمڻ، مولانا اسد الله کهڙو، رشيد ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان دنبورا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڀٽ شاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرو ڪندڙن  جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هيا جنهن تي ڀٽ شاھ جي واپاري واسومل کي بازياب ڪرايو واپارين کي تحفظ ڏيو جا نعرا لکيل هيا جڏهن ته مغوي واسومل جا وارث شھرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان گڏجي ڀٽ شاھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ  ويا جتي ڀٽ شاھ ٿاڻي جي عملدارن ٿاڻي جو مک گيٽ بند ڪري ڇڏيو ۽ وارثن کي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو، شٽر بند هڙتال ۽ احتجاجي مظاهري باوجود ايس ايس پي مٽياري مغوي جي وارثن کي خاطري ڪرائڻ به نه پهتو  ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيٺ واسو مل کي اغوا ٿئي ٻه ڏينهن گذري ويا آھن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي هنن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ صبح جي ٽائيم واپاري واسو مل کي ڏينهن ڏٺي هٿيار بند ڀٽ شاھ شھر ڏانهن ايندڙ روڊ تان  اغوا ڪري ويا ۽ هڪ ڄڻي وجي ڪمار کي تشدد ڪري هٿ اکيون ٻڌي اڇلائي ويا هئا ۽ ڀٽ شاھ ۾ اڳ به اهڙا واقعا ٿي گذريا آھن پر انتظاميا اهڙن خطرناڪ معاملن کي سنجيدگي سان نه پئي ڏسي، مظاهرين گورنر سنڌ، آءِ جي،  ڊي آءِ  جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور مغوي واپاري واسو مل کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ جيڪڏهن واپاري واسو مل بازياب به ڪرايو ويو ته اسان نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي قومي شاھراھ بند  ڪنداسين ناليواري عالم دين مولانا اسدالله کھڙو به ڀٽ شاھه جي سيٺ واسو مل جي بازيابي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي  سندس چوڻ آھي ته اسان ھن ڏک جي گھڙي ۾ پنھنجي جماعت جمعيت علماءَ  اسلام سميت ديوان برادريءَ سان گڏ آھيون فنڪشنل ليگ ضلعي مٽياري جي انفارميشن سيڪريٽري پير منور علي شاھ ڀٽ شاھ ۾ اقليتي برادري جي سيٺ واسو مل جي اغوا واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سنڌ حڪومت کان فوري طور تي سيٺ واسو مل جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.