دريا خان مري لڳ چئن خونن جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ٿاڻي مان فرار

دريا خان مري)ن ع آ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ چئن خونن جي قتل ۾ گرفتار ٿيل بشير مري ٺاروشاھ ڀرسان ڪچي جي تڳر  ٿاڻي تان هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو آهي. مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران ھٿڪڙين سميت فرار ٿيل بشير مري کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا ھنيا پر  پوليس کي فرار ٿيل جوابدار هٿ اچي نه سگهيو. واضح رھي ته هڪ هفتو اڳ نوشھروفيروز ڪورٽ مان حاضري تان واپس ويندڙ وڳڻ برادريء جي چئن ڄڻن جي قتل جي شڪ ۾ گرفتار ڪيل مبينا جوابدار بشير مري هٿڪڙين سميت پوليس جي غفلت سبب ٿاڻي تان فرار ٿي ويو جڏھن ته ڊي آء جي پاران مقتولن جي وارثن کي 2 ڏينھن اندر قتل م ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي وئي آھي جڏھن ته پوليس واقعي کي ميڊيا کان لڪائيندي رهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او تڳر مصعود جٽ موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ موبائيل فون نمبر بند ڪري ڇڏيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.