لاڙڪاڻي ۾ وياجين کان تنگ نوجوان چنگچي ڊرائيور جي خودڪشي، والد جو قتل الزام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نوجوان چنگچي ڊرائيور پورهيت مبينا طور وياج خورن جي زيادتين کان تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان جي پيءُ پورهيت نوجوان کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي جاچ جو مطالبو، پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن صبح  جي وقت لاڙڪاڻي شهر دڙي ٿاڻي جي حد ريلوي گدام واري علائقي مان لوهي سيخ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کاڌل نوجوان جو لاش هٿ اچڻ تي علائقي واسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ اهڙو اطلاع نوجوان جي وارثن کي ڏنو جن پهچي لاش جي سڃاڻپ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ مڏباهو واسي چنگچي ڊرائيور 20 سالن جي  احسان علي پٽ گدا حسين سيلرو طور ڪئي بعد ۾ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال آندو ويو. ان موقعي تي مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي پيءُ گدا حسين سيلرو صحافين کي ٻڌايو ته مون ڪجهه وقت اڳ شهر جي الهه آباد گوليمار گهٽي جي رهواسي مجاهد ميراڻي ۽ علي گل ميراڻي وارن کان پوڻا ٽي لک روپيا وياج تي ورتا جن مان انهن جا 30 هزار  روپيا بقايا هئا ۽ مون ڪالهه چار هزار روپيا پٽ کي ڏنا ته اهي پئسا مجاهد وارن کي ڏيو ان بعد انهن جا 26 هزار روپيا بقايا مون ڏانهن هئا جيڪي پئسا مون کين ڏيڻ جي خاطري به ڪرائي پر ان جي باوجود هو مسلسل اسان کي ڌمڪائيندا هئا ۽ ٽن مهينن کان پٽ انهن وٽ رهائش اختيار ڪري چنگچي هلائيندو هو. هن الزام لڳايو ته شڪ آهي ته پٽ کي مجاهد ميراڻي وارن قتل ڪيو آهي تنهن ڪري منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته پٽ جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جو ريلوي گدام واري علائقي مان ڦاهو لڳل لاش ڏسي علائقي واسين اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته نوجوان جو پيءُ مختلف وقتن تي بيان تبديل ڪري ڪڏهن خودڪشي ته ڪڏهن قتل جو شڪ ظاهر ڪري رهيو آهي تنهن ڪري وڌيڪ معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو لاش وارث ڳوٺ مڏباهو کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.