سياسي ڀرتين ريلوي کي تباهه ڪري ڇڏيو، هر پاسي گڙٻڙ آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سياسي ڀرتين سبب ريلوي ۾ هر پاسي گڙٻڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان ريلوي ۾ عارضي بنيادن تي ڀرتي ملازمن جي مستقلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت مستقل ٿيندڙ 80 ملازمن بابت سروس ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ملازمن جي مستقلي خلاف ريلوي جي درخواست باقاعدي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. ريلوي جي وڪيل چيو ته ملازم 2013 ۾ ڀرتي ٿيا، جيڪي ريلوي پاليسي 2012 جي معيار تي نٿا لهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عارضي ڀرتيون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آهن، ريلوي اختيارين جي غير پيشيوراڻي رويي سبب اڄ پاڪستان ريلوي جو اهو حال آهي، سياسي ڀرتين سبب ريلوي ۾ هر پاسي گڙٻڙ آهي، عارضي ڀرتي ٿيندڙ ملازم گهرن ۾ ويهي پگهارون کڻندا آهن، ريلوي ۾ ان ئي سبب ته ايڏا حادثا ٿيندا آهن. چيف جسٽس چيو ته ريلوي ۾ هاڻ به هر مهيني سون جي انگ ۾ عارضي ڀرتيون ٿينديون آهن، جنهن تي وڪيل چيو ته عارضي ڀرتين تي پابندي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آفيسر پابندي ۾ به رستو ڪڍي ٿا وٺن، جڏهن ته چيف جسٽس چيو سياسي مقررين ته ريلوي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.