وفاق ۽ سنڌ آمهون سامهون، حليم عادل خلاف ڪيسن تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد( م ڊ)  سنڌ ۾ اپوزيشن ليڊر خلاف ڪيسن تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون ٿي ويا آهن. وفاقي ڪابينا سنڌ ۾ حليم عادل شيخ خلاف داخل ڪيسن جِي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي جوڙڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي. حليم عادل شيخ وفاقي سرڪار کي خط لکي ڪيسز جَي مامري ۾ مداخلت جِي اپيل ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي ڪابينا معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا طرفان ڪيل ٻين فيصلن ۾ ٽي ايل پي تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سڌ سماءَ وارَي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٻئي مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن کان ٽي ايل پي جو چونڊ نشان ختم ڪرايو ويندو، جڏهن ته فوج لاءِ 15 سيڪڙو خصوصي الائونسز جِي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم طرفان اسپيشل الائونسز ۾ رينجرز ۽ ايف سي کي به شامل ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب 85 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري رهيو آهي، قيدين کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ جهاز سعودي اماڻيو ويو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ٽي ايل پي مٿان پابندي جو فيصلو حقيقتن تي ٻڌل هو، هنن پوليس وارن کي شهيد ڪيو، عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ٻئي مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن مان ٽي ايل پي جو چونڊ نشان رد ڪرائڻ لاءِ رجوع ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ملالا جي تصوير هٽائڻ مان سماج ۾ وڇوٽين جو پتو پوي ٿو، حڪومت کي جهڪڻ نه گهرجي، استاد ۽ نصاب تي ڌيان نه ڏنو ته تباهي ايندي. ملڪ ۾ انتهاپسندي رهي ته  ايندڙ نسل معذور ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.