پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 50 سيڪڙو ڪيس ڊيلٽاجي هئڻ جي دعويٰ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 50 سيڪڙو ڪيس ڀارتي قسم ڊيلٽاجي هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي رپورٽ ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو ڊيلٽا ويريئنٽ جا آهن، پاڪستان ۾ جيڪي ويڪسينز لڳرايون پيون وڃن اُهي ڊيلٽا ويريئنٽ جي لاءِ موثر آهن. ڊاڪٽر نوشين جو چوڻ هو ته دنيا ۾ ڪا به ويڪسين 100 سيڪڙو ڊيلٽا ويريئنٽ جي لاءِ موثر ناهي.، ويڪسين لڳڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪورونا ٿي وڃي ته وڌيڪ متاثر نه ڪندو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.