گورنر اچڻ بعد لانڍين تي قبضا ڪيا ويا آهن: غلام مرتضيٰ جتوئي

مٺياڻي ( ن ع آ) اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي چيو آهي ته هو امن پسند رهيا آهن. نوان جتوئي ھاؤس ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ اسان جو خاندان امن پسند رھيو آھي اسان جھيڙا جھڳڙا نہ ٿا ڪرڻ چاھيون نہ وري ھٿيار کڻڻ چاھيون ٿا. پوليس موجودگي ۾ لانڍين تي قبضا ڪري سولر پليٽن سميت ڪروڙين روپين جو سامان کنيو ويو آھي. اسان وٽ گورنر سنڌ آيو تہ دادو واري پاسي اسان جي لانڍين تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي جنھن ڪري نقصان ٿيو، اسان وري بہ فيصلو ڪرڻ ڏيڻ لاءِ تيار آھيون ڇاڪاڻ تہ اسان جا شاھاڻي برادري سان ويجھا لاڳاپا آھن. اسان فوج، رينجرز ۽ ٻي فورس سميت ھر اداري سان رابطو ڪيو آھي تہ اسان کي سياسي طرح سان نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪري ھيسائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي.  خاندان انھن جي ملڪيتن ء ھمدرد ساٿين ان جي خاندانن ء ملڪيتن جو تحفظ ڪيو وڃي ٻي صورت ٿيندڙ نقصان جي ذميوار پوليس ء ذميوار ھوندا ھن وزير اعظم ، گورنر ، چيف آف آرمي اسٽاف، ڊي جي رينجرز، آءٍ جي سنڌ ء وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي تہ نوٽيس وٺي وڏي نقصان کان بچائي معاملي کي حل ڪرايو وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.