سيوھڻ ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5 رڪارڊ

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ ۾ زلزلي جا لوڏا سيوھڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.  شھرين ۾ خوف جي لھر ڇائنجي وئي آهي. اسڪولي شاگردن استادن ۽ آفيسن جي ملازمن ۾ پڻ خوف ٿيو ۽ ھو اسڪولن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري ويا پر ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ عبدالرحيم قريشي تصديق ڪندي ٻڌايو ته زلزلي جو جھٽڪو آيو آهي. هوڏانهن زلزلي ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلو 43 ڪلوميٽر زمين اندر هو ۽  ان جي شدر 5 هئي. زلزلي جو مرڪز ڏکڻ ايران هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.