جيڪب آباد : نيب ٽيم تي تشدد الزام ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا گرفتار

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم جي عملدارن مٿان تشدد ڪرڻ ۽ کين يرغمال بڻائڻ واري ڪيس ۾ پوليس وڌيڪ ٽن جوابدارن محمد رفيق، منظور احمد ۽ اصغر علي جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو جنهن بعد جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس مٿي ڄاڻايل ٽنهي جوابدارن سميت اڳ ۾ گرفتار ٿيل صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي جي سئوٽ ولي خان جکراڻي، پ پ پ اڳواڻن ديدار علي جکراڻي، سجاد مستوئي، جاويد بروهي، ارسلان لاشاري ۽ عابد ڀٽي کي جيڪب آباد جي سيڪنڊ سول جج محمد احسن شيخ جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت جوابدارن کي وڌيڪ 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 4 ڏينهن کان پوءِ 17 جولاءِ تي وري جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.