ميهڙ ڀرسان معصوم نينگري کي نشو ڏئي لڄالٽ، جوابدار فرار

ميھڙ (رپورٽ : جميل مهيسر ) ميھڙ باءِ  پاس ڀرسان اعواڻ ڳوٺ  جي رھواسي زنوار مھيسر ميھڙ جي اي سيڪشن تاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائيندي الزام ھنيو آھي ته جوابدار  عبدالرحمان تيوڻو پنھنجي ئي پاڙي جي رھواسڻ معصوم ٻارڙي 11 سالن جي ٻارڙي (ف) کي گھر ٻاهران راند ڪرڻ دوران کيس وٺي وڃي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آھي کيس نيم بيھوشي جي حالت ۾ گھر ٻاھران اڇلائي ويو، معصوم نينگري کي ميھڙ جي خانگي اسپتال بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو جتي ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ ٻارڙي جوبدار پاران کيس اغوا ڪري نشي بعد جنسي ڏاڊائي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، ميھڙ پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪندي متاثر نينگري کي طبي چڪاس لاءِ تعلقي اسپتال ميھڙ موڪلي ڇڏيو،  جڏھن ته الزام ھيٺ آيل جوابدار فرار ٿي ويو آھي ميھڙ ٿاڻي آڏو متاثر  نينگري جي چاچي جو چوڻ آھي ته جوابدار جو پاڙي ۾ دڪان آھي ٻارڙي ٻاھر نڪتي ته کيس سڏ ڪري ورغلائي مبينا زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.