درازا جا ارڙيءَ ۾ ورتل 2 معصوم ڀائر فوت، گهر ۾ ڪهرام

راڻيپور(رپورٽر) سچل جي ديس درازا شريف ۾ ارڙي جي خطرناڪ بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آھي. جنھن سبب گذريل هڪ هفتي اندر ٻه ڀائر ٽن سالن جو  شايان علي جوڻيجو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ هڪ سالن جو  حايان علي جوڻيجو ولد فيضان علي جوڻيجو فوت ٿي ويا آھن.ٻارڙن جي وفات تي سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي. جڏھن ته سندس جي امڙ کي بيھوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا آھن. ان کان سواءِ درازاشريف شھر جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ٻارڙا  موذي وبائي مرض ارڙي ۾ ورتل آھن. ان حوالي سان درازا واسين جو چوڻ آھي ته ان بيماريءَ سبب ڪيترائي ٻار فوت ٿي چڪا آھن. جڏهن ته درازا شريف ۾ تيزي سان وڌندڙ ارڙيءَ جي بيماريءَ جي خاتمي لاءِ صحت کاتي ڪو به قدم نه کنيو آهي. جنھن تي پڻ شھرين ۾ تاءُ پکڙيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.