سنڌ سرڪار پڪي قلعي مان هٿ ڪڍي ڇڏيا، قبضا نه ڇڏائڻ ۾ متحده رڪاوٽ قرار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي تاريخي بادشاهي تخت گاهه حيدرآباد پڪي قلعي تان سنڌ سرڪار قبضو خالي ڪرائڻ کان لاچاري ظاهر ڪندي چيو آهي ته هزارين خاندانن جو قبضو آهي، متبادل طور زمين جي فراهمي، انساني آبادي ۽ سياسي مسئلو سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه حيدرآباد جي تاريخي عمارت مکي هائوس ميوزيم جو افتتاح ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون ڪو عوام جي آڏو قلعي کي قبضي خورن کان خالي ڪرائڻ جو ڪوڙو واعدو نٿو ڪري سگهان . هن چيو ته سنڌ سرڪار لاءِ پڪي قلعي تان قبضو خالي ڪرائڻ آسان ڪم ناهي، قلعي اندر 80 هزار کان هڪ لک ماڻهن جي آبادي موجود آهي، متبادل هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ ايتري زمين جي فراهمي جو به وڏو مسئلو آهي، ايم ڪيو ايم سڀ کان وڏي سياسي رڪاوٽ  آهي، هن چيو ته تاريخي ماڳ تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم وارن سان به ڳالهايو آهي ۽ انهن کي چيو آهي ته قلعي تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺجن پر ان ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، هن چيو ته پڪي قلعي جي پاڙ ۾ مارڪيٽون به ٺهي ويون آهن. قلعي کي ميسارجڻ کان بچائڻ لاءِ اسان قلعي جي ڀتين تي بحالي جو ڪم ڪرايو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ 33 سئو کان وڌيڪ تاريخي هنڌ آهن. جن جي مڪمل بحالي ۽ سار سنڀال لاءِ وڏا وسيلا گهرجن. انهن جي لاءِ وفاقي سطح تي هيريٽيج منسٽري به قائم ٿيل آهي پر ان سنڌ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي،  وفاقي سرڪار جي هيريٽيج منسٽري کي سنڌ جي تاريخي ماڳن جي بحالي ۽ سار سنڀال لاءِ سنڌ کي بجيٽ جاري ڪرڻ گهرجي پر اهي فنڊ اسان کي سالن کان نه ملي رهيا آهن، هن چيو ته وفاق سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ مان به پنهنجو جائز حصو نٿو ڏي، ان ڪري وسيلن جي کوٽ کي منهن ڏيڻ باوجود سنڌ سرڪار تاريخي ماڳن جي بحالي ۽ سار سنڀال ڪري پئي، هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ اندر وڌيڪ نوان ضلعا ٺاهڻ جو کيس ڪوبه علم ناهي ۽ نه ئي ڪا سنڌ حڪومت اندر اهڙي ڳالهه بحث هيٺ آهي، هوڏانهن تاريخي عمارت مکي هائوس کي مکي ميوزم هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جي  افتتاح موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته مکي هائوس ننڍي کنڊ جي دور جي سنڌ جي تاريخي شاهڪار عمارت آهي.ان موقعي تي جامي چانڊيو، شوڪت حسين شورو، محقق ڀارو مل امراڻي، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.