ڪرم ايجنسي ۾فوج جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي (م ڊ ) ڪرم ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻه جوان شهيد به ٿي ويا آهن،آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪرم ايجنسي جي علائقي زيوا ۾سرچ آپريشن ڪيو، جتي ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو، پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه جوان 25 ورهين جو ڪيپٽن باسط ۽ 22 ورهين جو سپاهي بلال شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي ۽ علائقو دهشتگردن کان پاڪ ڪرايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.