دائود يونيورسٽي ۾غيرقانوني ڀرتين جاالزام، ڏوهه ثابت ٿئي ته سزا لاءِ تيار آهيان: رٽائر وي سي

ڪراچي (رپورٽر) دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي انتظاميا غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو اعتراف  ڪيو آهي، جڏهن ته دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ڪرپشن جي حوالي سان اينٽي ڪرپشن پاران  جاچ لاءِ نوٽيس جي حوالي سان   رٽائر ٿيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته مون تي ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڀرتين جا الزام بي بنياد آهن، منهنجي خواهش آهي ته جاچ مسلسل هلي ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ته آءٌ هر سزا لاءِ هر وقت تيار آهيان ۽ مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته 8 سالن کانپوءِ جڏهن 18 جون 2021  تي رٽائرٿي ويو آهيان ته مون تي ڪرپشن ظاهر ٿي آهي، جتي ڪمٿيندو آهي اتي غلطيون به ٿينديون آهن . 30 جون 2021 تي اينٽي ڪرپشن  اسٽيبلشمنٽ ڊويزن اوڀر زون جي ڊائريڪٽر  پاران رجسٽرار کي جاچ ڪرڻ تي حوالي سان هڪ ليٽر موڪليو ويو هو  ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو  هو ته دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ ٻين عملدارن خلاف فنڊن ۾ ڪرپشن غيرقانوني ڀرتين ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان مليل شڪايتن جو جواب 5 جولائي صبح 11 وڳي رجسٽرار، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ايسٽ زون اينٽي ڪرپشن آفيس  ۾ پهچي جواب داخل ڪرايا ويا پر اينٽي  ڪرپشن پاران هڪ ليٽر تيِ آگاهه ڪيو ويو ته يونيورسٽي پاران داخل ڪيل جواب مطمئن جوڳو نه آهي ۽ ليٽر ۾ چيو ويو ته غيرقانوني ڀرتي ٿيل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايسٽ زون اينٽي ڪرپشن آفيس ۾ 9 جولائي تي جاچ آفيسر عبدالغني وٽ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائين. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر  ڊاڪٽر فيض الله عباسي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ يونيورسٽي جڏهن ته سنڌ حڪومت وٽ آئي ۽ مارچ 2013 تي مان جڏهن وائيس چانسلر ٿيو آهيان ته يونيورسٽي ۾ ڇڙواڳي وارو ماحول هئو  بگڙيل اداري وانگر  هئي فيڪلٽي سميت ٻين مسئلن جي ڪري يونورسٽي هلائڻ ۾ مشڪلاتون هيون 100 استادن مان 15 ريگيولر ٿيا ۽ پوءِ هاءِ ڪورٽ جي آرڊر سان 50 استاد ريگيولر ڪيو ويو يونيورسٽي کي سنڌ جي هڪ بهترين يونيورسٽي لاٰءِ مونکي سخت فيصلا پڻ ڪرڻا پيا وائس چانسلر چيو ته ساجد حسين سيال، دريا خان ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين کي ڀرتي ڪرڻ وارو سوال جي جواب ۾ وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽي جي فائدي لاءِ مان پنهنجو اختيار استعمال ڪري سندن ڀرتيون ڪيون آهن مان ڪڏهن به رولز جي ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي 2013 منهنجي وائيس چانسلر بڻجڻ کانپوءِ 2015 تي سينڊيڪيٽ ٺهي.  17 گريڊ يا ان کان مٿئين  گريڊ جي مقرري جا اختيار سينڊيڪيٽ وٽ هوندا آهن. پر سليڪشن بورڊ جي سفارش به لازمي هوندي آهي، وائيس چانسلر  ڊاڪٽر فيض الله عباسي عوامي آواز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته 8 سالن جي منهنجي محنت سان يونيورسٽي جو هڪ مقام ٺهيو آهي جڏهن ته 3 سالن تائين هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسان کي هڪ رپيا نه ڏنو ويو ۽ سال 2020 تي 9 ڪروڙ 40 لک رپيا مليا جڏهن 2013 تي وي سي جو عهدو سنڀاليو تڌهن يونيورسٽي جو بجيٽ 11 ڪروڙ 60 لک رپيا هئا جنهن ۾ يونيورسٽي جي خرچ  هلائڻ ڏکيو مرحلو هو پر منهنجي 8 سالن جي محنت سان هاڻي 2021 تي بجيٽ 50 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي. وائيس چانسلر وڌيڪ ته هن وقت دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي کي هڪ مقام حاصل آهي فيڪلٽيز سميت ٻيون سهولتون هڪ مثال پڻ قائم ڪئي آهي. ٻئي پاسي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي انتظاميا غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو اعتراف ڪندي اينٽي ڪرپشن کي ليٽر لکي غلطي تسليم ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته دائود انجنئرنگ يونيورسٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين جي حوالي سان اينٽي ڪرپشن شڪايتن تي جاچ هلي رهي آهي، ذريعن موجب دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي رجسٽرار سيد آصف علي شاهه اينٽي ڪرپشن کي جاچ جي حوالي سان موڪليل ليٽر جي جواب ۾ لکيو آهي ته ساجد حسين سيال ۽ درياخان ڪاڪيپوٽو جي نوڪرين جو اشتهار ۽ سليڪشن بورڊ جو منظوري نه ورتي وئي جيڪا لازمي هئي.  اينٽي ڪرپشن جي ليٽر نمبر  EO/ACE/E/K/2021/22  جي جواب ۾ يونيورسٽي جي رجسٽرار چيو آهي ته سينڊيڪيٽ کي 17 هين گريڊ ۽ ان کان مٿئين گريڊ ۾ مقرري جو اختيار آهي، ٻئي پاسي يونيورسٽي ايڪٽ 2013 موجب سينڊيڪيٽ ان صورت ۾ ڀرتي ڪري سگهي ٿو ته ان جي سفارش سليڪشن بورڊ لازمي ڪري. ان فيصلي تحت اشتهار به لازمي آهي، ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ جي مقرري جي حوالي سان رجسٽرار جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان انجنيئرنگ  ڪائونسل جي پاليسي تحت نان 20 سيڪڙو انجنيئرنگ فيڪلٽي مقرر ڪري سگهجي ٿو تهمينه فاطمه صديقي ۽ طارق چانڊيو جي مقرري جي حوالي سان رجسٽرار سيد آصف علي شاهه  اينٽي ڪرپشن کي جواب ۾ چيو آهي ته يونيورسٽي اخبار ۾ اشتهار 26 نومبر 2017 ۾ ڏنو  بعد ۾  21 ۽ 22 آڪٽوبر 2017 فورٿ سليڪشن بورڊ جي سامهون پيش ٿيا جتي طارق چانڊيو کي ليب انجينئر ۽ تهمينه فاطمه کي جيولاجسٽ جي مقرري جو آرڊر ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.