پشاور ۾ پگهار ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪندڙ ملازمن تي شيلنگ

پشاور (م ڊ ) پشاور ۾سرڪاري ملازمن پگهارن ۾ واڌ لاءِ اسيمبلي چوڪ تي احتجاج ڪيو. مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو ويو.خيبر روڊ تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي. خيبرپختونخواهه ۾ مختلف سرڪاري ڊائريڪٽريٽس جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ۽ آفيس جي ڪم جو بائيڪاٽ ڪيو. ملازمن جو چوڻ هو ته حڪومت ڊائريڪٽوريٽ ملازمن کي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.پگهارن ۾ واڌ واري اعلان تي عمل نه ڪيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڊائريڪٽوريٽس جا ملازم سيڪريٽريٽ ۽ ٻين کاتن کان وڌيڪ ڪم ڪندا آهن پر حڪومت لاڳيتو انهن کي نظر انداز ڪري رهي آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڊائريڪٽريٽس ملازمن کي الائونس ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.