دائود يونيورسٽي جو نئون وي سي اسلم عقيلي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) : سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽي ۾ وائس چانسلر جي مقرري لاءِ قائم سرچ ڪميٽي پاران  دائود انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي  يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي مقرري لاءِ  ٽن اميدوارن جي نالا ڏئي ڇڏيا آهن. جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي موجوده وائيس چانسلر ڊاڪٽر  اسلم عقيلي جو نالو پهرين نمبر تي جڏهن ته ٻي ۾ ڊاڪٽر حفيظ ميمڻ ۽ ٽين نمبر تي ڊاڪٽر آفتاب ميمڻ جا نالا سرچ ڪميٽي ڏئي ڇڏيا آهن. سرچ ڪميٽي پاران ڏنل نالا جو حتمي جو فيصلو وڏو وزير ڪندو ذريعن موجب عوامي آواز کي ٻڌايو ته   ڊاڪٽر اسلم عقيلي کي دائود انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر  بنائڻ جو واضح امڪان آهي. ياد رهي ته  دائود انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي  يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي 18 جون 2021 تي رٽائرڊ ٿي ويو آهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.