گورنرکي مون تي اعتراض ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي  ته ڪي ڊي اي چورنگي تي نئين لائن وڇائي وئي آهي، بلدياتي ايڪٽ ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته سياسي ايڊمنسٽريٽر نه ٿو ٿي سگهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  شاهراهه فيصل تي برسات دوران  هميشه مسئلو رهيو آهي،  جنهن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت پاران نئين ڊرين لائين وڇائي هئي، ناٿا خان پل  کان وٺي ڪٿي به پاڻي جمع نه ٿيو آهي، صحافين جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته شهر  ۾ ماڻهن ماضي ۾ ظلم ڪيا هئا، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر لئيق احمد به گذريل ڏينهن  روڊن جو دورو ڪيو، هن چيو ته گورنر عمران اسماعيل کي مون تي  اعتراض ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي ، ان کي گهرجي ته گورنر هائوس ۾ ماٺ ڪري سنڌ حڪومت جي پگهار ۽ مراعتن جا مزا وٺي، سندس چوڻ هوته ڪراچي ۾ برساتي نالن جي اٿلڻ تي سنڌ ۾ گورنر راڄ جا مطالبا ڪندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ ايبٽ آباد، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ گذريل ڏينهن برساتن جي تباهي تي خاموش ڇو آهن اتي عثمان بزدار کي هٽائڻ جو مطالبو ڇو نه ٿا ڪن، سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته حليم عادل شيخ جوڪم ئي سازشون ڪرڻ آهي، هو پاڻ ٻڌائي ته  ڇا اسلام آباد ۾ پنهنجي سي وي کڻي ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.