ارسا ۽ وفاقي حڪومت جي ڳٺ جوڙ سبب سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سنگين ٿيندي پئي وڃي: سهيل سيال

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته موجوده زماني ۾ جيڪڏهن فرعون يا هٽلر هجي ها ته اهو نيازي هجي ها جنهن يزيدي حڪومت ارسا جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، نيازي حڪومت جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي جي کوٽ سان منهن ڏئي رهي آهي جنهن جي ذميوار وفاقي حڪومت ۽ ارسا آهي، سنڌ ۾ مسلسل پاڻي کوٽ جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، هن وقت گڊو بئراج تي 26.50 سيڪڙو، سکر بئراج تي 19 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 12 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي اها ساڳي ئي صورتحال سڄي سنڌ ۾ آهي، هن وقت سنڌ جي بئراجن  جي آر اي گهٽ آهي جيڪڏهن آر اي 200 سيڪڙو هوندي ته پاڻي تيزي سان اڳتي وڌندو. هن چيو ته پوري ملڪ کي خبر آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ذميوار ارسا آهي ۽ ارسا وفاق جي ماتحت آهي، اسين چاهيون ٿا ته پاڻي جي کوٽ صوبن وچ ۾ برابر هجي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مون وفاقي حڪومت ۽ ارسا کي اپيلون ڪيون ته يزيدي ڪردار ادا نه ڪيو ۽ اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو جنهن تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ مسلسل حالتون خراب ٿي رهيون آهن، ڪالهه ڊائون اسٽريم ۾ 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽ هو ۽ اڄوڪي ڏينهن تي ٽي پي لنڪ ڪئنال تي 4981 ڪيوسڪ ۽ گڊو ۾ 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪِريو آهي ان تي ارسا جي ميمبر اڄ به ليٽر لکيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ بدين پاڻي لاءِ تڙپي رهيو آهي، وارهه، شهدادڪوٽ ۾ اسان کي واٽر سپلاءِ ذريعي پاڻي پهچائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، پوري سنڌ احتجاج پئي ڪري ۽ اتر سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي. هن چيو ته هن وقت به پنجاب وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي جتي جي درياهن ۾ ٻوڏ جي وارننگ  جاري ڪئي وئي  آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم وفاق جي اک جو ڪنڊو آهي ڇاڪاڻ ته  ان ئي ترميم جي ذريعي ئي اسان کي ايترو پاڻي ملي رهيو آهي جيڪڏهن 18 هين ترميم نه هجي ته هي اسان جو ڪهڙو حشر ڪن ها. هن چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو به مسئلو آهي، سيوھڻ کان ڄامشورو روڊ کي ٻٽو  ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جيڪا وفاق وٽ اڌ رقم جمع ڪرائي ھئي وفاق اھا رقم ھڙپ ڪري ويو آهي. هن چيو ته ايندڙ جمعي کان گڊو ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيندي ڇاڪاڻ ته اسڪردو ۾ موسم ۾ تبديلي چڪي آهي اسان جي دعا آهي ته موسم وڌيڪ بهتر ٿئي، اسين خوش نصيب آهيون جو الله اسان جي ٻڌي پر هن يزيدي حڪومت اسان جي نه ٻڌي  اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نه ڏنو. هن چيو ته گڊو تي به پاڻي جي صورتحال  بهتر ٿيندي ۽ اڃان به 15 کان 20 ڏينهن ان پاڻي کي بدين تائين پهچڻ ۾ لڳندا  پر آهستي آهستي پاڻي وڌندو ويندو آءُ سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪندس جن جي تڪليفن جو احساس آهي ته اهي احتجاج ختم ڪن ڇاڪاڻ پاڻي اهڙي شيءَ آهي جنهن کي اسين ٺاهي نه ٿا سگهون اها هڪ قدرتي شيءَ آهي. هن چيو ته اسان ۽ اسان جي پارٽي قيادت کي احساس آهي، جيڪڏهن ڪٿي به آبپاشي کاتي جي ڪوتاهي آهي ته اسان کي ويڊيو موڪليو ته ان مسئلي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري حل ڪيو ويندو. هن چيو ته جتي روٽيشن جي ڪري پاڻي بند ٿئي ٿو ان جي شڪايت نه ڪيو ان سان اسين ٻين آبادگارن کي پاڻي ڏيندا آهيون تنهن ڪري روٽيشن وارا شڪايتون نه ڪن. هن چيو ته لاڙڪاڻي ڀرسان ڊرينيج جي لاءِ مشوري پمپنگ مشينري تي هميشه مسئلو هوندو هو هن سال چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ فريال ٽالپر جي ڪوششن سان انهن کي سولر سسٽم ۾ آڻڻ لاءِ 18 ڪروڙ 17 لک جي بجيٽ رکي وئي آهي ان سان مين ڊرينيج جو 80 سيڪڙو مسئلو حل ٿيندو ۽ گڏوگڏ اسين ڊرينيج جي لائيننگ ڪري رهيا آهيون ۽ مين نالين کي ڊرين ڪري نيون ڊرينون کڻي اچي رهيا آهيون. هن چيو ته ايل بي او ڊي جون اسڪيمون اسان وفاق ڏانهن موڪليون ڇاڪاڻ ته نوابشاهه ۽ ٻين ضلعن ۾ٻوڏ سان وڏي تباهي ايندي آهي پر اسان کي انهن اسڪيمن جي لاءِ وفاق هڪ روپيو به نه ڏنو تنهن ڪري سنڌ حڪومت هن سال انهن اسڪيمن جي لاءِ 10 ارب روپيا رکيا آهن ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته اهي 10 ارب روپيا بحريا ٽائون وارن کان وٺون. هن چيو ته نيازي، يزيدي ۽ فرعونيت جي حڪومت جو احساس ڏيارڻ ٿي چاهي ته اسين نااهل آهيون ۽ ملڪ اسان کان نه ٿو هلي جيڪي پنهنجي نااهلي لڪائيندا رهندا آهن، هي چون پيا ته معيشت سڌري رهي آهي پر آءُ چوندس ته کيسا  خالي ۽ بجيٽ جعلي آهي. هن چيو ته شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پاڻي چوري کي روڪڻ لاءِ مون آبادگارن جي وفد سان ملاقات ڪرڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ سان رابطو ڪيو جيئن غيرقانوني پائيپن جي خاتمي لاءِ اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪٿي سيمينٽ ۽ ٻي اڏاوت ڊاٿي وئي آهي جنهن جي مرمت جي به ضرورت آهي جيئن پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائي سگهجي. هن چيو ته پيپلزپارٽي توڙي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ  مٿان حاوي رھندا. حڪمران ڇٽل ڪارتوس آهن. انهن کان ڪو به بحران نبري نه ٿو سگهي. سنڌ ۾ مقرر وفاق جي نمائندي گورنر ڪراچيءَ ۾ پاڻي، گئس ۽ بجلي جي حق لاءِ نه ڳالهايو آهي، گورنر کي سنڌ جي خبر ئي ناهي ته هن وقت ڪراچي به پاڻي جي کوٽ ڀوڳي رهيو آهي، ڪراچي ۾ سياسي توڙي غير سياسي ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪري سگهجي ٿو ان لحاظ کان مرتضيٰ وھاب به ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿي سگهندو. گورنر کي آئين توڙي ٻين حوالن سان ڪو به پتو نه ھوندو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.