گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڪارروائي، نوجوان بازياب

بڊاڻي (ن ع آ (  2 هفتا اڳ اغوا ٿيل  نوجوان دلمراد ڀٽو بازياب ٿي گهر پهچي ويو، صحافي غلام ياسين ڀٽو جي سئوٽ 18 ورهين جي دلمراد کي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو،ان حوالي سان ايس ايڇ او مياڻي ايٽ بڊاڻي عبدالحفيظ چاچڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موبائل فون ٽريس ڪري گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي نانگ واهه ويجهو بازياب ڪرايو آهي،مغوي جي وارثن  بڊاڻي ٿاڻي تي پهچي پوليس ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ مٺائي کارائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.