لکي لڳ ڪارنهن الزام جو جرڳو، نوجوان تي ساڍا 9 لک رپيا ڏنڊ، ڳوٺ نيڪالي

لکي غلام شاھه (رپورٽ:  نديم جان مهر) لکي غلام شاھه لڳ ڳوٺ عظيم سهندڙو ۾ سهندڙا برادري ۾ ھلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو جرڳو سيد زاهد علي شاھ جي سرپئنچي هيٺ ڪيو ويو جنهن ۾ علائقي جيڇڱن مڙسن استاد بنگل سهندڙو ۽ رئيس عبدالغني سهندڙو سميت ٻنهي ڌرين جا چڱا مڙس شريڪ ٿيا، الزام هيٺ آيل نوجوان ولي ﷲ سهندڙو مٿان ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو هو جيڪو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي نوجوان مٿان ساڍا 9 لک روپيا ڏنڊ پڻ مقرر ڪيو ويو ڏنڊ واري رقم مان پنج لک ڪارنهن جا ۽ ساڍا 4 لک جهيڙي ۾ زخمي ٿيل عورتن سميت پوليس ۽ ٻيو خرچ شامل ڪري گڏيل ڏنڊ رکيو ويو ڏنڊ واري رقم مان هڪ لک موقعي تي ادا پڻ ڪيو ويو باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي ڏنڊ واري رقم ادا ڪرڻ تائين نوجوان جي ڳوٺ اچڻ تي پابندي هوندي ياد رهي ته ڪارنهن جو تڪرار ڏيڍ مهينو اڳ شروع ٿيو هو جنهن ۾ عبدﷲ سهندڙو پنهنجي نوجوان گهر واري فيروزان کي ڳوٺ جي ئي نوجوان ولي ﷲ سهندڙو سان ڪارنهن جو الزام هڻي گهران ڪڍي ڇڏيو هو جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي ۽ جهيڙي ۾ 6 عورتون پڻ زخمي ٿيون هيون جرڳي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ڌرين کي ڀاڪر پاريا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.