ڪراچي، ڪنڌڪوٽ ۽ پکي جون خبرون

ڪراچي: صنعان قريشي سميت 147 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت لاءِ درخواست داخل

ڪنڌڪوٽ: سخت گرمي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ڌرڻو

پکو: ڳوٺاڻن  پاران زرعي زمين تي قبضي ۽ گھر ڊاھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد مهيسر ،الاهي بخش بڪڪ، ڊاڪٽر مظهر مغل سميت 147 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت لاء درخواست داخل ڪئي وئي. سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته قومي ڪارڪنن کي بيگناهه ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آھي،  سندن خلاف ڪو سڌو سنئون ثبوت ناھي، جاچ آفيسر جوابدارن خلاف ثابتيون جمع ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، جوابدارن کي مختلف جڳھن تان گرفتار ڪيو ويو آھي، انھن کان ڪا رڪوري به نه ٿي آھي. درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواست گذار جوابدارن کي ڪوڙين ايف آئي آرز ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.

2

ڪنڌ ڪوٽ شھر ۾ سخت گرمي دوران ڪجھ ڏينھن کان بجلي جو آزار وڌي ويو،  ھر ڏھ منٽ ۾ ٽرپنگ ٿيڻ لڳي جڏهن ته شھر جي سٽي فور فيڊر ۾ 24 ڪلاڪن ۾ صرف 5 کان 6   ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي  جنهن ۾ به بار بار ٽرپنگ ڪئي وڃي ٿي، گرمي ستايل سٽي فور جي عوام گلشير محلا ـ عيد گاھ محلا ـ ھيبت روڊ ـ ڇڄڻ پاڙو ـ شيخ پاڙو ماروائي پاڙو جي رهواسين ٻارن سان گڏجي ٽول پلازھ باء پاس انڊس ھاوي تي ويھي بجلي جي آزار خلاف احتجاجن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، ان موقعي تي هنن وزيراعظم عمران خان ـ بجلي جي وفاقي وزير، سيپڪو چيف ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي انهن جي ان آزار مان جان ڇڏائي وڃي.

3

پکو ۾ ڳوٺاڻن  پاران زرعي زمين تي قبضي ۽ گھر ڊاھڻ تي بااثر سالار منڱڻ , درمحمد , ماجد منڱڻ ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو  ويو ،  ڳوٺ يار محمد مغيري واسي ڳوٺاڻن علي بخش مغيري , اميد علي , پنھل , منظور , شمن علي , خدابخش ۽ ٻين دانھيندي چيو ته آھي ديھ گھوگھارو ۾ بااثر سالار منڱڻ جي زرعي زمين سروي نمبر 729 ۽ 730 آھي جنھن کي ھو وڌائي انهن جي زمين ۽ گھرن تي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي ۽ ڪجھ ڏينھن اڳ بااثر پوليس ساڻ ڪري پنھنجا ماڻھو وٺي اچي اسان جا رھائشي گھر ڊاھي اسان جي ٻن جريبن جي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آھي ، هنن چيو ته پوليس ڪيس وٺڻ کان لنوائي رھي آھي، ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ ڊي ايس پي جي ظلم کان بچائي انهن سان انصاف ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.