واٽس ايپ فون ڪالز  ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي

دنيا جي مشهور ايپليڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن جي لاءِ ڪالز ۾ تبدلي سان گڏ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي.

ايپلي ڪيشن جي هر سرگرمي تي نظر رکندڙ ويب بيٽا انفو جي تازي رپورٽ موجب واٽس ايپ آءِ او ايس بيٽا ورزن استعمال ڪندڙ صارفن جي لاءِ ڪال ڪرڻ ۽ اچڻ تي نئون انٽر فيس متعارف ڪرايو ويو آهي.

ويب بيٽا انفو طرفان شيئر ڪيل اسڪرين شارٽ ۾ ڏيکاريو ويو ته دنيا انٽر فيس ايپل جي انٽر فيس ايپ سان هڪجهڙائي رکي ٿو.

ان انٽر فيس جي تحت هاڻ واهيپدار سولائيءَ سان ڪال دوران آپشنز ڳولهي سگهندو ان کان سواءِ اسڪرين جي هيٺان رِنگ جو آپشن به موجود هوندو.

واٽس اي جي ان نئين اپ ڊيٽ سان واهپيدار مِس ٿيل گروپ ڪالز کي به ٻيهر جوائن ڪري سگهندو.

في الحال اِهو فيچر آءِ او ايس بيٽا ورزن جي واهپيدارن جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.