بابر اعظم هڪ ڌَڪ ۾ ڪيترائي رڪارڊ لوڙهي ڇڏيا

 

برمنهگم (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ خلاف ٽين ون ڊي ميچ دوران شاندار سينچري اسڪور ڪري ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا.

برمنهگم ۾ انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز جي آخري ميچ دوران بابر اعظم بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 158 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 14 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا.

ان اننگز ذريعي بابر اعظم ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن، هو انگلينڊ خلاف ڪنهن به ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ پاڪستاني بڻجي ويو آهي، جڏهن ته انگلينڊ خلاف ان جي ئي سرزمين تي 1983 کانپوءِ سينچري اسڪور ڪندڙ پاڪستاني ڪپتان به بڻجي ويو آهي.

ان کان اڳ آخري ڀيرو 1983 ۾ عمران خان انگلينڊ خلاف ان جي ئي سرزمين تي سينچري اسڪور هئي هئي.

بابر اعظم پهريون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو آهي، جنهن انگلينڊ خلاف ان جي ئي سرزمين تي 3 سينچرين جي مدد سان هڪ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

گڏوگڏ هو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ 81 اننگز کيڏي 14 سينچريون اسڪور ڪندڙ بيٽسمين به بڻجي ويو آهي.

ان کان اڳ اهو اعزاز ڏکڻ آفريقا جي هاشم آملا وٽ هو، جنهن 84 اننگز کيڏي اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو.

بابر اعظم ميچ دوران نائب ڪپتان محمد رضوان سان گڏجي ٽين وڪيٽ لاءِ 179 جي ڀائيواري قائم ڪئي، جيڪا انگلينڊ خلاف پاڪستاني رانديگرن جي سڀ کان وڏي ڀائيواري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.