فارن فنڊنگ ڪيس: اڪبر ايس بابر جو اسڪورٽي ڪميٽي ٽوڙڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر فارين فنڊنگ ڪيس ۾ جوڙيل اسڪورٽي ڪميٽي ٽوڙڻ ۽ ان جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي مبينه منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ جي ڪاغذن جي جائزي واري رپورٽ پيش ڪرائي.

ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر چيو ته پي ٽي آءِ دستاويزن جو جائزو وٺي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جمع ڪرائي آهي، اليڪشن ڪميشن ساڍا 6 سال ڪيس هلڻ کانپوءِ دستاويزن جي جائزي جي اجازت ڏني، چارٽرڊ اڪائونٽنٽس کي جائزو وٺڻ لاءِ 55 ڪلاڪ ڏنا ويا هئا.

سندس چوڻ هو ته اسڪروٽني ڪميٽي چارٽرڊ اڪائونٽنٽس جي ڪم ۾ رنڊڪ وڌي، نه ئي دستاويزن جو ڦوٽو ڪڍي پيا سگهون نه ئي ڦوٽي ڪاپي جي اجازت هئي.

سندس چوڻ هو ته سموري مواد جي تصديق کانپوءِ 100 صفحن جي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، رنڊڪن جي هوندي به ماهرن سڄي مواد جو جائزو ورتو ۽ رپورٽ ٺاهي آهي، اها رپورٽ اسانجي الزامن جي ناهي پر پي ٽيءِ آءِ جي دستاويزن تي ٻڌل حقيقتون آهن.

اڪبر ايس بابر جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي کي رد ڪيو وڃي اها ڪميٽي حقيقتون ڳولڻ بدران حقيقتون وڃائي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.