چهري تي چُٽا هاڻ نه رهندا

 

مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي خوبصورت نظر اچڻ لاءِ وڌيڪ جتن ڪرڻا پوندا آهن، عورتون پنهنجي خوبصورتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ڪرڻ پسند ناهن ڪنديون، عورتن کي خوبصورت نظر اچڻ لاءِ وڏن وارن، پُرڪشش چهري سميت هٿن تي مهندي ۽ نَنهن تي نيل پالش وغيرا جي ضرورت پوي ٿي.

هونئن ته عورتون پاڻ کي خوبصورت ڏيکارڻ لاءِ هڻي هنڌ ڪنديون آهن پر چهري تي چُٽا ۽ داڻا انهن کي گهڻو پريشان ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي مارڪيٽ مان مختلف ڪيميلز واريون شيون خريد ڪري استعمال ڪري چهري کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏينديون آهن پر هتي اسان هڪ اهڙو نسخو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن سان عورتون چهري جي چُٽن ۽ ٻين مسئلن مان مڪمل طور نجات حاصل ڪري سگهن ٿيون.

شيون: ڪيلو هڪ عدد، ماکي ٻه چمچا

طريقو: ڪنهن به ٿانوَ ۾ انهن شين کي درست نموني ملايو، پوءِ ان پيسٽ سان چهري کي ٻن منٽن تائين مساج ڪيو ۽ پنج منٽن تائين ان کي چهري تي رهڻ ڇڏيو، آخر ۾ هلڪي گرم پاڻي سان منهن کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو، هفتي ۾ صرف ٻه ڀيرا اهڙو عمل ورهائڻ سان منهن تان چُٽا، داڻا ختم ٿي ويندا ۽ توهان جو چهرو صاف سٿرو ٿي نکري پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.