اسٽينڊنگ ڪميٽي هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري واري طريقيڪار تي اعتراض اٿاري ڇڏيا.

رياض فتيانه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي انصاف ۽ قانون واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

رياض فتيانه جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ٿيڻ گهرجي، هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي مقرري جي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار جاري ٿيڻ  گهرجن.

ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اشتهاري جاري ٿيو ته سڄي ملڪ مان وڪيل ۽ اميدوار اپلاءِ ڪري سگهندا، لکت واري امتحان کان پوءِ هاءِ ڪورٽ ايگزيڪٽو ڪميٽي کي شارٽ لسٽڊ اميدوارن جا انٽرويوز وٺڻ گهرجن.

رياض فتيانه چيو ته ماضي ۾ اهڙا جج به آيا جن کي فيصلو لکڻ به نه پئي آيو.

قانون واري وزارت چيو ته ان معاملي تي اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون ڪرڻ ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.