چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي مقرري خلاف ڪيس جي لاءِ داخل درخواست تي رجسٽرار آفيس جا لڳل اعتراض ختم ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس کليل عدالت ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس مشير عالم اِن چيمبر درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڏسڻو پوندو ته چيف جسٽس جي مشاورت کان سواءِ ڪيئن هڪ جج چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ٿي سگهي ٿو.

سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته اِهو به ڏسڻو پوندو ته بيورو ڪريٽس ۽ ٽيڪنو ڪريٽس کي ڪيئن ججز جي برابر جو درجو ڏئي سگهجي ٿو.

ايڊووڪيٽ علي عظيم آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري رکي آهي.

درخواست 22هين ترميم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي طريقيڪار جي خلاف داخل ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.