ڪهڙيون غذائون دل جي دوري جو سبب بڻجڻ ٿيون؟

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) تَريل کاڌن، پراسيس گوشت ۽ ڊرنڪس تي ٻڌل غذا جي گهڻي استعمال سان اوچتو دل بيهڻ سبب موت جو خطرو وڌي ويندو آهي، اهڙي ڳالهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

جرنل آف دي آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ 45 سال يا ان کان مٿي عمر جي 21 هزار ماڻهن جي عذائي عادتن جو جائزو ورتو ويو.

اهڙن ماڻهن جي غذائي عادتن کي 18 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ڏٺو ويو ۽ ان کي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو، جنهن مان هڪڙو گروپ اهڙو هو، جنهن جي غذا جو گهڻي قدر حصو سڻڀ، تريل کاڌا، پراسيس گوشت ۽ مختلف ڊرنڪس تي ٻڌل هو ۽ ان کي سدرن جو نالو ڏنو ويو هو، ڇو ته آمريڪا جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ اهڙي غذا جو رجحان عام ڏٺو وڃي ٿو.

سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اهو دريافت ڪيو ويو ته سدرن طرز جي غذا ۾ اوچتو دل جي حرڪت بيهي وڃڻ يا سڊن ڪارڊڪ اريسٽ سان موت جا خطرا ٻين جي ڀٽ ۾ 46 سيڪڙو وڌيڪ هوندا آهن.

ان جي ڀيٽ ۾ فروٽن، سبزين، مڇي ۽ زيتون جي تيل تي ٻڌل عذا سان ڪارڊڪ اريسٽ سبب موت جو خطرو 26 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهجي ٿو.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تريل شيون جهڙوڪ فرنچ فرائيز ۽ ٻيون کائڻ سان دل جي رڳن جي مرض سان اي ڊي جو خطرو به وڌڻ جو سبب بڻبو آهي.

ان تحقيق دوران ڏيڍ لک کان مٿي رضاڪارن جي عذائي عادتن جو جائزو ورتو ويو ۽ دريافت ڪيو ويو ته ڊيپ فرائي غذائون دل جي صحت جي لاءِ تباهي جهڙيون ثابت ٿينديون آهن.

تحقيق موجب جڏهن تيل کي گرم ڪيو ويندو آهي ته ان مان اهڙو ڪيميڪل خارج ٿيندو آهي، جيڪو بلڊ پريشر وڌائڻ سان گڏوگڏ صحت لاءِ فائديمند ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائيندو آهي.

عام طور تي تريل شين ۾ سڻڀ ۽ ڪيلوريز تمام گهڻيون هونديون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ رڳون بلاڪ ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ دل جي دوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.

ماهرن اهو به دريافت ڪيو آهي ته ڊيپ فراءِ شين جو استعمال ٿولهه، شگر ٽائپ ٽو، دل جي بيهي وڃڻ ۽ هاءِ بلڊ پريشر جا خطرا به وڌائيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.