فارن فنڊنگ ڪيس: اسڪروٽني ڪميٽي کان رپورٽ طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مبينا فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اسڪروٽني ڪميٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

ٻڌڻي دوران فرخ حبيب طرفان اليڪشن ڪميشن کان درخواست ڪئي وئي ته اڪبر ايس بابر کي ريڪارڊ تائين پهچ جي سهولت ڏني وئي اُها اسان کي به ڏني وڃي، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي ريڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ نه پيون ڪرائن، اسان کي به فارن فنڊنگ اسڪروٽني ۾ گڏيل موقعو فراهم ڪيو وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اسڪروٽني ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي؟

مملڪتي وزير فرخ حبيب جواب ڏنو ته هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، گذريل 3 مهينن کان اسڪروٽني ڪميٽي جو ڪو به اجلاس ئي ناهي گهرايو ويو.

هن اليڪشن ڪميشن کان اپيل ڪئي ته منهنجو وڪيل شاهه خاور پرڏيهه ويل آهي 11 آگسٽ کان پوءِ ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري وٺو.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي طرفان منع ٿيل فنڊنگ جي حوالي سان اسڪروٽني ڪميٽي کان به درآمد رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 28 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.