آخري ون ڊي: پاڪستان جو انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 332 رنسن جو هدف

 

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آخري ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 332 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

برمنگهم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 331 رنسون ٺاهيون.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 158 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد رضوان 74 ۽ امام الحق 56 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

واضح رهي ته 3 ميچن جي سيريز انگلينڊ جي ٽيم اڳ ئي 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.