اسپتال جي ڪورونا آئسوليشن سينٽر ۾ باهه، 44 ڄڻا فوت

 

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي ڏاکڻي شهر ناصريا جي هڪ اسپتال جي ڪورونا آئسوليشن سينٽر ۾ باهه جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 44 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 67 زخمي ٿي پيا آهن.

شروعاتي اطلاعن موجب باهه اسپتال جي هڪ اهڙي حصي ۾ لڳي، جيڪو ڪورونا وبا دوران وائرس سان متاثر ٿيندڙن کي الڳ رکڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته باهه هڪ آڪسيجن سئلينڊر ڦاٽڻ کانپوءِ ڀڙڪي، امدادي ٽيمن طرفان دونهين سان ڀريل ان عمارت مان ماڻهن کي بچائڻ جو سلسلو جاري آهي.

هوڏانهن عراقي وزيراعظم مصطفيٰ الخادمي سينيئر وزيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ناصريا ۾ صحت ۽ شهري دفاع جي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ذميوار سرڪاري ملازمن جي معطلي ۽ گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.