ايوب ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسپتال اندر پاڻي گڏ ٿيو، ڪنهن ڪجهه نه چيو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گذريل ڏينهن شاهراهه فيصل ۽ شهيد ملت روڊ تي ڪٿي به مينهن جو پاڻي گڏ ناهي ٿيو ۽ نه ئي وزير مينشن تي پهرين جيان پاڻي گڏ هو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته گرين لائن جي ڪري ڊرين نالا بند ٿي ويا هئا، ڪي ڊي اي چورنگي تي نئين ڊرين لائن وڌي آهي ۽ گذريل ڏينهن ناگن چورنگي تي پاڻي گڏ ٿيو، انتظاميا فوري نيڪالي ڪئي.

سندس چوڻ هو ته مينهن ۾ شاهراهه فيصل تي عوام کي هميشه پريشاني کي منهن پوندو هو، ڪيترا ئي فٽ پاڻي ملير ۽ شاهراهه فيصل تي گڏ ٿيندو هو پر گذريل ڏينهن شاهراهه فيصل تي ڪٿي به مينهن جو پاڻي گڏ نه ٿيو ۽ نه ئي شهيد ملت روڊ تي پاڻي گڏ ٿيو.

هن چيو ته وزير مينشن تي هميشه پاڻي گڏ ٿيندو هو پر گذريل ڏينهن نه ٿيو.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ماضي ۾ جن ماڻهن پريشاني کي منهن ڏنو هن ڀيري ائين نه ٿيو، جيڪڏهن سسٽم جي تحت معاملا هلن ته ڪم به ٿيندي نظر ايندو آهي.

سندس چوڻ هو ته آئون سوال ڪيان ٿو ته ڪراچي کي توهان ڏٺو پر ڇا توهان ايبٽ آباد کي ڏٺو؟ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسپتال جي اندر پاڻي گڏ آهي، ڪنهن ڪجهه چيو؟ جناح اسپتال ۾ گذريل ڀيري اوچتو پاڻي آيو ته هنن ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون، ايوب ميڊيڪل ڪاليج مينهن جي پاڻي سبب تباهه ٿيو ۽ اُتي 8 سالن کان پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته انتظامي معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ گورنر جو ڪم ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.