قمبر: 3 سال اڳ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل سراج خان رئيساڻي جي ٽين ورسي

قمبر ۾ بلوچ انٽرنيشنل ڪانگريس ٽرسٽ جي چيئرمين مير لال ڏنو مري ۽ بي آئي سي ٽي جي صدر درچين مري جي حڪم تي بلوچستان ۾ ٽي سال اڳ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل نوابزاده مير سراج خان رئيساڻي جي ٽين ورسي پريس ڪلب هال ۾ ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ڪري شهيد جي روح کي ايصال ثواب پهچايو ويو ۽  ننگر به ورهايو ويو، ان موقعي تي بي آئي سي ٽي انفارميشن سيڪريٽري مير الطاف حسين زهري بلوچ،ضلعي صدر مير گل حسن خان مگسي بلوچ،غلام قاسم لاشاري بلوچ،پريس ڪلب قمبر سنيئر نائب صدر محمود علي شيخ، مير حسن مگسي،عذير علي مگسي، ۽ ٻين چيو ته بلوچستان جي سرزمين تي پاڪستان سان محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ نوابزاده مير سراج خان رئيساڻي سميت 150 کان وڌيڪ جوانن شهادت جو جام پيتو ۽  جانين جو نذرانو ڏئي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو ازلي دشمن ڀارت افغانستان ۾ ويهي بلوچستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري پيو جنهن تي يورپي يونين کي ايڪشن وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.