ڳڙهي خيرو: بيگاري ڪئنال جي پڇڙي وارين شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرو

بيگاري ڪئنال جي پوڇڙي وارن شاخن لنڊ مائنر،سيرواھ،عيدن شاخ ۽ تاجا شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،علائقي واسي آبادگار مختلف ڳوٺن کان ٽريڪٽر ٽرالين ۾ سوار ٿي دودا پور ناڪي وٽ پهتا جتان ھاري اڳواڻ عابد جمالي،مير گل حسن خان جمالي،امير حسين جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.احتجاج ڪندڙن شھر جو گشت ڪرڻ بعد سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ بيگاري پل وٽ پهچي ڌرڻو ھنيو جنھن سبب سنڌ ۽ بلوچستان ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي.ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته بيگاري ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن لنڊ مائنر،سير واھ،عيدن شاخ،تاجا شاخ ۽ گل شاخ ۾ پاڻي بجاء واري اڏامي رھي آھي.آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو پوکيل ساريالو ٻيجارو سڙي رھيو آھي ۽ گذريل ھڪ ھفتي کان مٿين شاخن ۾ پاڻي نه آھي ۽ آبادگار مسلسل سراپا احتجاج آھن پر ان باوجود آبپاشي عملدار پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن،آبادگارن پاران ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو به اعلان ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.