”شهيدن جون قربانيون ڪشمير فروش عمران خان هٿان ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين“

 

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڪشمير جو ڪيس هارائي آيو ۽ چئي ٿو ته مان ڇا ڪيان؟ والاريل ڪشمير جو ڪيس ڪمزور ناهي پر ڪمزور ته عمران خان آهي، نه رڳو ڪمزور پر ڊڄڻو به آهي.

آزاد ڪشمير جي علائقي ڪوٽلي ۾ عام جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ شهيدن جو ڏهاڙو آهي ۽ شهيدن جي قربانين کي ڪشمير فروش عمران خان هٿان ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪشمير مودي جي جهولي ۾ ڦٽو ڪندڙ عمران خان اڍائي سالن کانپوءِ ووٽ گهرڻ اچي رهيو آهي.

هن چيو ته ڪمزور ۽ ڊڄڻو ڪيس هارائي چئي ٿو ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪيو، وري چئي ٿو هڪ هفتو سوڳ ملهائينداسين، سوڳ ته توهان جي سليڪٽرن کي ملهائڻ گهرجي، عوام ڇو سوڳ ملهائي؟ ڇا نواز شريف جي دور ۾ ڀارت کي اها جرئت هئي ته ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري سگهي؟

سندس چوڻ هو ته عمران خان هتي پنهنجو وزيراعظم آڻڻ چاهي ٿو، ڇو ته اهي صوبو بڻائڻ چاهين ٿا، توهان ڪشمير کي صوبو بڻائي ڪشميرين جي سڃاڻپ کسڻ چاهيو ٿا؟ ايڏي مهانگائي آهي جو جتي به وڃان ٿي هڪ ئي نعرو ٿي ٻڌان گور عمران گو.

مريم نواز چيو ته ماڻهو ووٽ چوري جي اجازت نه ڏيندا، عمران خان ووٽ چوري ڪيو ته ڪشميري پنهنجي حق لاءِ آخر تائين وڙهندا، عمران خان جا وزير ڪهڙي منهن سان ڪشمير ۾ کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن؟ جلسي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو آيا آهن، انهن جيڪڏهن شينهن کي ووٽ ڏنو ته حڪومت ن ليگ جي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.