ڪورونا الائونس نه ملڻ تي طبي عملي جي ڪم ڇڏ هڙتال، عوام پريشان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ڪورونا رسڪ الائونس نه ملڻ تي سرڪاري اسپتالن جي عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي.

وفاقي تخت گاهه ۾ هڪ پاسي ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري ڪورونا رسڪ الائونس نه ملڻ جي معاملي تي پمز، پولي ڪلينڪ، نرم، سي ڊي اي اسپتال ۾ ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي احتجاج ڪيو آهي.

هڙتال سبب اسپتالن جي او پي ڊي بند ٿيڻ جي ڪري مريض ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ويڪسينيشن سينٽر جي عملي به ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ويڪسين لاءِ ايندڙ شهري پريشان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.