ڪيسن ۾ واڌ، ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪ فوج سميت قانون لاڳو ڪندڙ سمورن دارن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

اين سي او سي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن جنهن موجب پهرين آگسٽ کان ملڪ اندر سفر جي لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.

اين سي او سي موجب پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي لاءِ 15 جولاءِ کان فلائٽ آپريشن 50 سيڪڙو وڌايو ويندو جڏهن ته روزاني 2500 کان ٽي هزار ماڻهو پاڪستان اچي سگهندا.

عيد جي موڪلن دوران سياحتي ماڳن ڏانهن ويندڙ سمورن رستن تي سخت چيڪنگ ٿيندي ۽ سياحن جي لاءِ ويڪسينشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.

اين سي او سي موجب پاڪستان ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ويڪسين جون خوراڪ هڻڻ وارو سنگ ميل عبور ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.