وفاقي ڪابينا پاڪ فوج لاءِ 15 سيڪڙو خاص الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پاڪ فوج لاءِ 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 22 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ هٿياربند فوج جي اهلڪارن لاءِ خاص الائونس 2021 جي منظوري تي غور ڪيو ويو ۽ جائزو وٺڻ کانپوءِ پاڪ فوج لاءِ 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس جي منظوري ڏني وئي.

وفاقي ڪابينا 49 دوائن جي رٽيل پرائس مقرر ڪرڻ، محمد امجد خان کي سي اي او اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن مقرر ڪرڻ، شاهه جهان مرزا کي متبادل توانائي بورڊ جي سي اي او جي واڌو چارج ڏيڻ، جاويد احمد صديقي کي پاڪستان ريلوي فرنٽ ٽرانسپورٽيشن ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ، رٿابندي واري وزارت ۽ خاص قدمن جي ذميوارين جي حوالي سان رولز آف بزنس ۾ ضروري ترميم جي تجويز، جڏهن ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٽيلي ويزن ۽ ويڊيو جي شعبي ۾ سهڪار جي معاهدي جي مسودي جي به منظوري ڏني.

ڪابينا اجلاس جي فيصلن تي بريفنگ ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته سول ملازمن کي الائونس مليا پر گذريل ٻن سالن کان فوج جي پگهار ۾ واڌ نه ٿي، تنهن ڪري فوج لاءِ 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس ڏنو پيو وڃي، رينجرز ۽ ايف سي ملازمن کي به وزيراعظم جي حڪم تي الائونس ڏنو ويندو.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال کي ڏسندي اين سي او سي 5 موڪلن جي تجويز ڏني هئي پر ڪابينا 3 موڪلن جي منظوري ڏني آهي، عيدالاضحيٰ تي 20، 21 ۽ 22 جولاءِ تي عام موڪل جي منظوري ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.