ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ايڏو وڏو عهدو ناهي: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ايڏو وڏو عهدو ناهي، جيڪڏهن مرتضيٰ وهاب ان لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته مرتضيٰ وهاب کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر ڪرڻ جو آپشن غور هيٺ رهيو آهي، مرتضيٰ گهمي رهيو آهي ته ماڻهو سمجهي رهيا آهن هو ايڊمنسٽريٽر آهي، ايڊمنسٽريٽر جو عهدو پرڪشش ناهي پر سخت ڪم آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ 20 مئي کان نالن جي صفائي شروع ڪئي وئي هئي، چوڪنگ پوائنٽ ڪليئر ڪيا ويا آهن، اميد ته هن سال گذريل سان جهڙي پريشاني نه ٿيندي، ڇو ته ڪچرو ڪڍي رکيو پيو وڃي، لينڊ فل تائين پهچايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.