ڪراچي ۾ وڪيل تي حملو ڪندڙ ڪتن کي زهر جو ٽُڪو هڻي ماريو ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊيفنس ۾ وڪيل تي حملو ڪندڙ ٻنهي ڪتن کي صلح نامي جي موجب ماريو ويو.

پوليس موجب ٻنهي ڪتن کي زهر جو ٽُڪو هڻي ماريو ويو ۽ ٽُڪو لڳڻ کان پوءِ ڪتن جو مالڪ ڏکويل حالت ۾ هنن وٽ ويٺو رهيو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي ڊيفنس ۾ همايون خان نالي شهري جي پالتو ڪتن سينيئر وڪيل مرزا اختر کي علي چڪي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.