اسان جي ڳچي پڪڙيندڙن جي به ڪير ڳچي پڪڙيندو: شاهد خاقان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جن اسان جي ڳچي پڪتي، انهن جي به ڪوئي ڳچي پڪڙيندو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي پيش ٿيو پر وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جو پهرين ڏينهن کان مطالبو آهي ته خبر پئي عدالتن ۾ ٿي ڇا رهيو آهي، هاڻ اطلاعات واري وزير به چيو ته عدالتن ۾ ڪئيمرا لڳايو ۽ خبر پئي ته ڇا ٿي رهيو آهي، هتي ڪو انصاف ناهي، ڪيس ۾ اسان جي خاندان ۽ دوستن کي ملوث ڪيو ويو.

هن چيو اسان جي 5 سالن جي حڪومت ۾ ڪو ڪرپشن اسڪينڊل ملي ته ذميوار آهيون، وفاقي وزيرن جو نيب سان ڪهڙو واسطو آهي؟ انهن جي پريس ڪانفرنس دوران خبر پئجي ويندي آهي ته نيب کي ڪير هلائي رهيو آهي، اهڙن ڪيسن کانپوءِ ڪو سرڪاري آفيسر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سرڪاري آفيسر چون ٿا ته جيستائين نيب جو اهو نظام رهندو ڪم نه ٿي سگهندو.

سندس چوڻ هو ته هر هفتي حڪومت جو ڪو نئون اسڪينڊل سامهون اچي ٿو پر نيب کي نظر ناهي ايندو، جن اسان جي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌو آهي، انهن جي ڳچيءَ ۾ به ڪير هٿ وجهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.