ميهڙ: اعواڻ ڳوٺ ۾ 11 ورهين جي نينگري سان ڏاڍائي،جوابدار فرار

ميھڙ باء پاس ڀرسان اعواڻ ڳوٺ  جي رھواسي زنوار مھيسر ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائيندي الزام ھنيو آھي ته جوابدارعبدالرحمان پاڙي جي رھواسڻ معصوم ٻارڙي 11 سالا فوزيه مھيسر کي گھر ٻاهران راند ڪرڻ دوران وٺي وڃي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بنايو، جوابدارکيس نيم بيھوشي جي حالت ۾ گھر ٻاھران اڇلائي ويو، معصوم نينگري کي ميھڙ جي خانگي اسپتال بعد لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو جتي ھوش ۾ اچڻ کان پوء ٻارڙي ٻڌايو ته جوابدار کيس اغوا ڪري نشي بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بنايو، ميھڙ پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي، جڏھن ته الزام ھيٺ آيل جوابدار فرار ٿي ويو ، ميھڙ ٿاڻي آڏو متاثره نينگري جي چاچي فداحسين مھيسر جو چوڻ هو ته جوابدار جو پاڙي م دڪان آھي، ٻارڙي ٻاھر نڪتي کيس سڏ ڪري ورغلائي مبينا زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.